ڪنري: مديحا قتل معاملو، جوابدار ٻيھر پوليس حوالي

ڪنري (ن ع آ) ڪنتي ڀرسان ڳوٺ بابو اقبال ۾ ٻه ھفتا اڳ قتل ٿيل ناري مديحا ڌيءَ راجا سجاد جي قتل ڪيس ۾ گرفتار عورت رضيا ڪنڀار، سندس مڙس وڪيو ڪنڀار ۽ پٽ بلاول ڪنڀار کي ڪنري پوليس رمانڊ پورو ٿيڻ تي ٻيھر سول ڪورٽ ڪنري ۾ پيش ڪيو. عدالت پوليس پاران ٻيھر جسماني رمانڊ لاءِ داخل درخواست قبول ڪندي جوابدارن کي ٽن ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.ڪيس جي ٻڌڻي دوران گرفتار جوابدار بلاول ڪنڀار عدالت ۾ نئون انڪشاف ڪندي چيو ته ناري مديحا کي سندس ڀاءُ منھجي سامھون ڪھاڙي جا ڌڪ ھڻي قتل ڪيو آھي، پوليس زبردستي مونکان جرم قبول ڪرائي پئي، جانچ آفيسر ڪورٽ کي ٻڌايو ته عورت جوابدار رضيا خلاف ھن محل تائين ڪو خاص ثبوت نه ملي سگھيو آهي ۽ ڪجھه جاچ رھيل آھي جنھن ڪري رمانڊ ڏنو وڃي. جوابدار ڌر جي وڪيل سرائي رحيم خاصخيلي ڪورٽ سڳوري کي استدعا ڪئي  ته جوابدار بلال جي بيان جي روشني ۾ مديحا جي ڀاءُ کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي. ھوڏانھن مقتولا جي چاچي راجا وحيد، راجا ثناالله، حاجي شفاقت ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ڪيس ۾ نامزد عورت رضيا ۽ سندس پٽ بلاول اسان وٽ گھر ۾ ملازمت ڪندا ھئا، ھنن اسان جي گھر ۾ پيل سونا زيور ۽ نقد رقم ڦٻائڻ ۽ چوري جو پلان جوڙيو. جنھن پلان تحت مديحا کي قتل ڪيو ۽ ھن کي ناني کي قتل ڪرڻ جو ارادو ھو پر اسان جي پھچڻ سبب ھو فرار ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.