احمد پور لڳ ڳوٺاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف برادري جو ڪٺ

احمدپور (ن ع آ ) احمدپور لڳ ڳوٺ حيات اڄڻ جي رھواسي مقتول نيڪ محمد اڄڻ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف اڄڻ برادريء جي مختلف ڳوٺن ننگر اڄڻ، خميسو اڄڻ، جمعو خان اڄڻ، پيارل اڄڻ، ڄام خان اڄڻ، ۽ ٻين ڳوٺن جي چڱن مڙسن ھادي بخش اڄڻ، زوار اڄڻ، علي خان اڄڻ، بخت اڄڻ، دادن اڄڻ، ڀھلول اڄڻ ۽ ٻين اڄڻ برادريء جو ڪٺ ڳوٺ حيات اڄڻ ۾ فقير علي گل اڄڻ جي سڏ تي ڪوٺايو ويو ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته بااثرن جي چرچ تي اسان جي نيڪ محمد اڄڻ کي سھتا برادريء جي ماڻھن دوست محمد، عشق حسين، علي گوھر، ۽ الطاف سھتو پاران کيس کاڌي ۾ زھر ڏئي ھڪ مھينو اڳ ڪراچي جي سپر ھائي وي ٿاڻي جي حد شھباز ڳوٺ ۾ قتل ڪيو ويو هو جنهن جو چار ڏينهن اڳ ڄاڻايل جوابدارن خلاف ساڳئي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آهي. پر پوليس ۽ بااثر نيڪ محمد اڄڻ جي قتل جو ڪيس وڃائڻ چاھين ٿا جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته ايندڙ سومر تي سوين اڄڻ برادريء جي ماڻھن پاران ڳوٺ حيات اڄڻ کان وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي۽ انصاف نه ملڻ تائين احتجاج جاري رکيو ويندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.