ٿر ۾ سانوڻ جي رونق، تفريحي ماڳن تي ميڙا

چيلھار (ن ع آ) ٿرپارڪر ۾ ضلعي انتظاميان ڪروناء وائرس ڦھلجڻ کان روڪڻ لاء بچاء لاء قدم کڻي رھي آھي ته ٻئي طرف ٿر جي تفريح گاھن ته عوام جا ميلا متل آھن جنھن کي روڪڻ ۾ ضلعي انتظاميان ناڪام بڻجي چُڪي آھي جڏھن ته ان حوالي عوامي آواز چيلھار پاران سروي ڪرڻ دوران معلوم ٿيو تازو ضلعي انتظاميان ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر مٺي ۾ مختلف کاتن جي آفيسر کان گڏجاڻي ڪري برسات توڙي ڪروناء وائرس بابت روزانو جي بنياد ته رپورٽ ڏيڻ جي ھدايت ڪئي آھي ته ٻئي طرف ساڳئي ضلعي جي مختلف شھر مٺي چيلھار ۾ جيڪي تفريح گاھ آھن جنھن ۾ گڊي ڀٽ، راڻاسر ترائي، سميت ٻين تفريح گاھن ته عوام جا ميلا متل آھن ڪروناء بچاء بابت ڪي به قدم کڻيل نظر نٿا اچن ۽ برساتي رپورٽ جي حوالي چيلھار جو ذڪر ڪجي ته شھر جا ٻئي ڊرينج تباھ آھن جنھن ڪري برساتي پاڻي پبلڪ ھيلٿ وارن جي نااھلي سبب اڳئين برسات جو پاڻي شھر جي مين گھٽين آفيسن عبادتگاھن اڳيان بيٺل نظر اچي رھيو آھي .

نوري آباد لڳ تعميراتي ڪم ڪندي چيني انجنيئر فوت

نوري آباد ( ن ع آ )  نوري آباد انڊسٽري ۾ سروس ٽائر ڪمپني جو تعميراتي ڪم دوران ڇت تان چيني آفيسر زنگ لي چن  ڪري سخت زخمي ٿي پيوکيس  طبي امداد لا۽ سول اسپتال نيو ويو، جتي  زخمن جا سور ن سھندي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.