شهدادڪوٽ ۾ پاڻي کوٽ خلاف سوين ماڻهو نڪري پيا، ڌرڻو

شھدادڪوٽ ( ڊ ر )  شھدادڪوٽ,قبو سعيد خان, حاڪم شاهه,بھرام ۽ ڪچي پل ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف جي ڊي اي اڳواڻ مير مظفر بروھي جي سڏ تي ڄاڻايل علائقن جي سوين آبادگارن، ھارين، سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شھدادڪوٽ پريس ڪلب کان مير مظفر بروھي، پي ٽي آءِ اڳوڻ ميرغيبي مغيري، سماجي اڳواڻ ميرامجد ميرجت، شھري اتحاد اڳواڻ حبدارميرجت، وھاب پندراڻي، ھاري اڳواڻ قادر بخش سيلرو، جي يو آءِ اڳواڻ حافظ عبدالرزاق مگسي ۽ محمد ايوب کوسو جي اڳواڻي ۾ سخت گرمي ۾ ھڪ زبردست احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي شاميانا کوڙي 6 ڪلاڪ ڌرڻو ھنيو، ڌرڻي سبب سنڌ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي ۽ گڏو گڏ عيد خريداري لاءِ ويندڙ شھرين توڙي مسافرن کي سخت تڪليفن جو منهن ڏسڻو پيو،ڌرڻي ۾ موجود ماڻهن پاڻي ناهي هي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا اڀ ڏاريندڙ نعرا ھڻڻ سان گڏ آبپاشي جي وزير ۽ انجنيئرن خلاف به نعرا ھنيا، ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي جي ڊي اي اڳواڻ مير مظفر بروھي، پي ٽي آءِ اڳواڻ مير غيبي مغيري ۽ ٻين چيو ته اسان جي جدوجهد جو مقصد عوام جي جياپي لاءِ آهي جيڪو جياپو پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت عوام کان کسيو آهي جو گذريل ٽن مھينن کان لکين آبادگار پاڻي لپ لاءِ پريشان آهن, پر پيپلز پارٽي سنڌ جي گونگي ۽ ٻوڙي حڪومت کي پاڻي واري عوامي جدوجهد نظر نه ٿي اچي جو نوٽيس وٺي ازالو ڪن، جيڪڏهن جلد پاڻي نه مليو ته عيد کان پوءِ اسان جو رخ اعليٰ ايوانن ڏانهن ھوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.