ڏهرڪي مان ٻار سميت اغوا ٿيل عورت آزاد نه ٿي، وارثن جو مظاهرو

ميرپورماٿيلو( رپورٽ: نصر الله گڏاڻي) ڏھرڪي مان اغوا ٿيل مسڪين فقير نوجوان عورت ۽ سندس ٻه معصوم ٻارڙا بازياب نه ٿيسگھيا،نامزد جوابدارن مٿان ڪيس داخل ھئڻ باوجود نه جوابدار گرفتار ٿي سگھيا ۽ نه ئي مغوين جو ڪو ڏس پتو پئجي سگھيو. عورت جي وارث ڪلھوڙا فقيرن جو ميرپورماٿيلو ۾ ڏھرڪي پوليس ۽ جوابدارن خلاف احتجاجي مظاھرو، پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ ، خبر  موجب ڏھرڪي شھر مان اڍائي مھينا اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل 25 ورھين جي ممتاز عرف اجلي زال غلام عابد ڪلھوڙو فقير، سندس معصوم ٻار 7 ورھين جي آسمه ۽ 5 ورھين جو بلاول بازياب نه ٿي سگھيا آھن. ۽ جنگ ڪالوني جي رھواسي جوابدارن نور ٽانوري، شوڪت ٽانوري ۽ ٽن اڻسڃاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ھئڻ باوجود ڏھرڪي پوليس نه جوابدار گرفتار ڪري سگھي آھي ۽ نه ئي پوليس مغوين جو ڪو ڏس پتو لڳائي سگھي آھي، جنھن خلاف مغوين جي وارثن عورت جي مڙس غلام عابد، ڀاءُ نظير احمد، ڀيڻ مائي گڏي ۽ بشير احمد ڪلھوڙي فقير جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪندي دانھيو ته مسڪين ۽ فقير ھئڻ سبب پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۽ مغوين کي بازياب ڪرائڻ لاءِ تيار ناھي، الٽو جوابدار خاموش رھڻ جو چئي مغوي ٻارڙن کي قتل ڪري ڇڏڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن، ھنن وسوارن کان مغوين کي بازياب ڪرائي ٽانوري برادري جي جوابدارن ۽ ڏھرڪي پوليس خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندي ٻي صورت ۾ پاڻ کي باھ ڏيئي ساڙيندس

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.