منظور آباد ۾ قتل ڪيل ناري جو ڪيس ٽن جوابدارن مٿان داخل

مانجهند )ن عوامي آواز (منظور آباد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ 3 ڏينهن اڳ بي دردي سان  قتل ٿيل 19 ورهين جي عورٿ شھنيلا ماڇي جوڪيس نئون رخ اختيار ڪري ويو عورت جي سئوٽ مدد علي ماءُ ۽ ڀاءُ تي حڪمت عملي سان قتل ڪرائڻ جو الزام لڳائيندي پوليس کان شفاف جانچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو سئوٽ مدد علي ٻڌايو ت هڪ سال اڳ شھنيلا جي مرضي بغير سندس شادي ڪرائي وئي جنهن َ۾ کيس وحشاڻو تشدد جو نشانو بڻايو ويندو هو جنهن ۾ ڪارنهن جو الزام هڻي کيس مارڻ جو پلان ٺاهيو ويو جيڪا شھنيلا کي خبر پوڻ تي هن مامي دلدار ماڇي جي گهر ۾ پناهه ورتي ته 2 مهينا اڳ مڙس خالد ماڇي سندس پي سميت 4 ڄڻن قاتلانه حملو ڪري شھنيلا کي گوليون هنيو ت مامو دلدار وچ ۾ اچڻ سبب زخمي ٿيو جنهن ۾ صرف خالد ماڇي کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو جنهن ۾ بااثر شخص مامي جي پناهه ۾ ويٺل عورت شھنيلا کي زور بار ڪرائي ماءُ ۽ ڀاءُ رياض جي حوالي ڪيو جن حڪمت عملي سان شھنيلا کي قتل ڪرائي ڪيس ٻين تي داخل ڪرايو آھي هن پوليس کان مطالبو ڪيو ت شفاف جانچ ڪرائي اصل جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو وڃي، هوڏانهن کاڻوٺ ٿاڻي تي مقتولڻ شھنيلا جي قتل جو ڪيس  ماءُ محبت بي بي  جي فرياد تي 3 جوابدار نياز محمد ماڇي  امان الله ماڇي ضياءُ ماڇي تي داخل ڪيو ويو جڏھن  ته کاڻوٺ پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ قدم نه کڻي سگهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.