ڪراچي جا محسن

نامياري محقق گل حسن ڪلمتي جو ليڪچر

نامياري محقق گل حس ڪلمتيءَ جو چوڻ آهي ته سندس ڪتاب ڪراچيءَ جا لافاني ڪردار سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ڪراچيءَ جي بُڪ اسٽالن تي موجود آهي، جڏهن ته ان جو اردو ترجمي تي ٻڌل ڪتاب جلد ئي بُڪ اسٽالن تي موجود هونددو. ان ڪتاب ۾ ورهاڱي کان اڳ سنڌ جون 25 شخصيتون شامل آهن جن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، انهن شخصيتن اصل ۾ ڪراچيءَ جي تعمير ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اڄوڪي ڪراچي انهن ڪردارن جي تعمير ڪيل آهي، جڏهن ته ان ڪتاب جو ٻيو حصو جيڪو اشاعت جي مرحلي ۾ آهي ان ۾ وڌيڪ 30- شخصيتن جو ذڪر آهي. اهڙو اظهار هُن آرٽس ڪائونسل آف ڪراچيءَ ۾ انهن شخصيتن کي خراج عقيدت ۽ انهن شخصيتن جي ڪردار متعلق تفصيلي آگاهي ڏيڻ لاءِ ڪيل هڪ ليڪچر ۾ ڪيو آهي.

ليڪچر جي منتظمين جي کيس گذارش ڪيل هُئي ته هو انهن شخصيتن مان هر هڪ تي وڌ ۾ وڌ هڪ منٽ روشني وجهي، پر ليڪچر جي منتظمين جي اهڙي گذارش انهن عظيم شخصيتن سان زيادتي هُئي ڇو جو اهي شخصيتون ۽ انهن جون خدمتون ان لائق آهن جو انهن مان هرهڪ تي هڪ هڪ ليڪچر ٿيڻ گهرجي ها، تنهن هوندي به گل حسن ڪلمتيءَ انتهائي ڀرپور ڪوشش ڪئي ته انهن 25- شخصيتن مان هر هڪ تي مناسب روشني وجهي.

هُن جنهن پهرين شخصيت جو تعارف پيش ڪيو اها شخصيت چاڪر خان ڪلمتيءَ جي هُئي، هُن جو چوڻ هيو ته جڏهن انگريز سامراج پهريون دفعو 1839ع ۾ علائقي ۾ آيو تڏهن چاڪر خان ڪلمتي پهريون ماڻهو هو جنهن پنهنجن ساٿين سان گڏجي انگريز سامراج جي خلاف بغاوت ڪئي. 1839ع ۾ چاڪر خان ڪلمتيءَ جي هٿان پهريون انگريز اهلڪار ماريو ويو، ان کانپوءِ انگريز سامراج سندس پيڇو ڪيو ۽ ڇهن مهينن بعد کيس گرفتار ڪيو ويو، کيس انهيءَ جڳهه تي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو جنهن جڳهه تي هُن انگريز سپاهيءَ کي قتل ڪيو هو. اها جڳهه ڊالميا ( ڪراچي) جي لڳ ڀڳ آهي، ان جي ڦاهي بعد خيال اهو ٿو ڪيو وڃي ته کيس ڪنهن ٻئي هنڌ قبرستان ۾ دفنايو ويو هوندو.

هُن جنهن ٻي شخصيت جو ذڪر ڪيو، ان جو نالو شهيد قادو مڪراڻي آهي، جنهن مڪران ۾ اک پٽي ۽ اتي ئي نپنيو ۽ وڏو ٿيو، جڏهن انگريز سامراج علائقي ۾ پير رکيو تڏهن هُن سندن خلاف بغاوت ڪئي، بعد ۾ هو ڪاٺياواڙ ( گجرات) هليو ويو جتان ويهي هُن انگريز سامراج جي خلاف هڪ منظم جنگ ڪئي. سندس زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو موڙ آيو جڏهن هُن کي ڪاٺياواڙ ڇڏڻو پيو ۽ هو ڪراچيءَ اچي پهتو، ڪراچيءَ ۾ 1884ع ۾ انگريز سرڪار کيس گرفتار ڪيو ۽ ڦاهي تي چاڙهي ڇڏيو. قادو مڪراڻيءَ جي زندگيءَ تي هڪ فلم ” جاگ اٺا انسان“ پڻ ٺهي چڪي آهي، جنهن ۾ اداڪار محمد عليءَ، قادو مڪراڻيءَ جو ڪردار ادا ڪيو آهي. قادو مڪراڻيءَ جي قبر اڄ به ميوا شاهه قبرستان ۾ موجود آهي.

هُن جنهن ٽين شخصيت جو ذڪر ڪيو ان جو نالو سيٺ دريانو مل آهي، جيڪو  ڀوڄو مل جو پوٽو آهي، هُن 1729ع ۾ ڪراچيءَ ۾ هڪ قلعو تعمير ڪيو، هو جڏهن ڪراچي پهتو ته ان کانپوءِ ئي شهر خوشحاليءَ جي دور ۾ داخل ٿيو، جڏهن ڪراچيءَ کي خان آف قلات ( خون بحا طور تي ) حڪمراني ڪندو هو، ان وقت سيٺ دريانو ۽ سندس ڀاءُ ڪراچيءَ تي پنهنجو اثر قائم ڪيو. ان دوران ميرن ٽي دفعا ڪراچيءَ تي حملو ڪيو پر ٽئي دفعا سيٺ درياني مل انهن جي مزاحمت ڪئي ۽ ڪاميابي ماڻي. سيٺ دريانو مل پهريون ماڻهو هو جنهن سڀني شهرين واسين کي علائقي ۾ انگريزن جي ناپاڪ مقصدن ۽ ارادن کان آگاهه ڪيو ۽ سڀني کي اهو بانور ڪرايو ته انگريز علائقي جا حڪمران ٿي ويندا.

ان کانپوءِ گل حسن ڪلمتي نسروانجيءَ مهتا جو ذڪر ڪيو جيڪو جمشيد نسروانجيءَ مهتا جو پيءَ آهي. هو پهريون ماڻهو آهي  جنهن ڪراچيءَ ۾ ڪارخانن جو ڄار وڇايو، اصل ۾ هي ئي ڪراچيءَ ۾ پهريون ماڻهو آهي جنهن ڪراچيءَ جي شهرين کي اهو بانور ڪرايو ته شهر ۽ سماج جي ترقيءَ ۾ صنعتن جو ڪردار بنيادي آهي. هو ڪارخانن ۾ مزدورن سان گڏجي ڪم ڪندو هو ۽ هُن ئي ڪارخانن ۾ يونين سازيءَ جي خيال کي وڌايو ۽ سگهارو ڪيو.

گل حسن ڪلمتيءَ، نسرواجي مهتا جي ذڪر بعد ٽهل داس کيمچند جو ذڪر ڪيو ۽ اها دعوى ڪئي ته هو ڪراچيءَ جو پهريون ميونسپالٽيءَ جو چونڊيل صدر هيو. جمشيد مهتا پنهنجي تحريرن ۾ لکيو آهي ته هرچند راءِ وشنداس ۽ ٽهل رام کيمچند ڪراچيءَ جا اصل معمار آهن جن ڪراچيءَ کي تعمير ڪيو. جڏهن ته هُن ( مهتا ) سندن ڪم کي اڳتي وڌايو آهي. اهي پهريان ماڻهو آهن جن اها جدوجهد ڪئي ته ڪراچي ميونسپالٽيءَ کي پنهنجي چونڊيل باڊي هجڻ گهرجي، سندن ڪوششن جي نتيجي ۾ 1887ع ۾ ڪراچي ميونسپل ڪميٽيءَ جي جون پهريون چونڊيون ٿيون.

پنهنجي ليڪچر ۾ هن چيو ته هرچند راءِ وشنداس پهريون ماڻهو هو جنهن ڪراچيءَ ۾ ڊانبر وارا روڊ تعمير ڪرڻ جو خيال پيش ڪيو. هو جڏهن ڪراچي ميونسپاليٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو ان وقت ڪراچيءَ ۾ رڳو ٽي عوامي باغ هوندا هيا پر جڏهن هو پنهنجو مدو پورو ڪري ويو تڏهن شهر ۾ عوامي باغ ٻارنهن تائين پهچي چڪا هيا. هرچند راءِ وشنداس هڪ بي لوث قسم جو انسان هيو، جڏهن ڪراچيءَ ۾ لي مارڪيٽ تعمير پئي ٿيو تڏهن اها راءِ آئي ته ان جو نالو سندس نالي سان منسوب ڪيو وڃي، پر هُن ان ڳالهه جي مخالفت ڪندي چيو ته مارڪيٽ جو نالو ” ميشم لي“ جي نالي تي رکيو وڃي، جنهن مارڪيٽ جو ڊزائن تيار ڪيو آهي.

گل حسن ڪلمتيءَ انهيءَ موقعي تي ٻين به ڪيترين ئي شخصيتن جو ذڪر ڪيو جن ڪراچي شهر کي تعمير ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، انهن ۾ غلام علي چاڳلا، واڌو مل، قاضي خدا بخش، ۽ جمشيد نسروانجي شامل آهن.

تحرير:پيرزاده   سلمان

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.