شهري پابنديون نه ٿا چاهين ته ايس او پيز تي عمل ڪن: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچ ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال ٻيهر خراب پئي ٿئي اهڙو اظهار هن ڪالهه پريس  ڪانفرنس ڪندي ڪيو، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته شهري جيڪڏهن چاهين ٿا ته پابنديون نه لڳن ته هو ڪورونا ضابطن (ايس او پيز) تي عمل ڪن، هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اسپتالن ۾ جاءِ ناهي رهي ته حالتون اڃان به خراب ٿينديون پوءِ اِها ئي ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ وارا صوبائي حڪومت تي الزام هڻندا، مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته ويڪسين ويڪسين چڱي مقدار ۾ موجود آهي، شهري وبا کان بچڻ جي لاءِ ويڪسين لڳرائن، سنڌ حڪومت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس جي حوالي سان ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، جيڪڏهن خدانخواسته اسپتالن ۾ جاءِ نه رهي ته نقصان شهرين جو ٿيندو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.