ڪراچي: اظهر اقبال آرائين جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ آرائين اتحاد جي اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس

گلستان جوھر بلاڪ 8 آرڪيٽيڪٽ اينڊ انجنيئرز ڪوآپريٽو ھائوسنگ سوسائٽي جي سماجي اڳواڻ ۽ انجمن آرائين پاڪستان سنڌ جي اڳواڻن ميان عبدالسلام آرائين نصير احمد آرائين ميان اشفاق مجيد آرائين عبدالخالق آرائين ۽ ٻين  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو  آهي ته اظھر اقبال آرائين کي ان جي گھر ٻاھران معصوم ٻارن اڳيان بي رحميء سان قتل ڪيو ويو،  پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي،  اڳواڻن جو چوڻ ھيو ته پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو مقصد  اهو آهي ته جيڪي ماڻهو سوشل آهن ۽ ڀلائيء جا ڪم ڪري رھيا آهن انهن لاء آواز اٿاريو وڃي، هنن چيو ته اظھر اقبال آرائين سوشل ڪم ڪندو ھيو،    ھنن وڌيڪ چيو ته قاتلن کي گرفتار نه  ڪيو ويو ته عيد کانپوء سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪيا ويند، هنن الزام هنيو ته خالد زمان ۽ ان جو ڀاء ڪرائي جا قاتل گھرائي ماڻهو قتل ڪرائي رھيا آهن ، ھنـن چيو ته وڪيل محمد طفيل پاران  ھاء ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي وئي  آهي ,هنن  چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته هو سوموٽو نوٽيس وٺي ,ھنن وزيري اعظم گهرو وزير،  وزيري اعليٰ سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته  لينڊ مافيا خلاف قدم قاتلن کي گرفتار ڪري سزائون ڏنيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.