هن ماسڪ جي استعمال سان توهان کان پارلر وسري ويندو

 

مِينهن جي موسم ۾ هر پاسي ٻُٽَ ۽ گرمي ۾ واڌ ٿي ويندي آهي، جنهن جي ڪري منهن تي پگهر ٿيندو آهي ۽ چمڙي مڦرجهائجي ويندي آهي، وري عورتون مسلسل رڌڻي ۾ ڪم ڪنديون رهنديون آهن ۽ پنهنجي لاءِ گهڻو وقت ناهن ڪڍي سگهنديون.

اڄ اسان توهان کي ايڪٽيويٽڊ چارڪول ماسڪ ٺاهڻ جو سولو طريقو ٻڌائي رهيا آهيون، جيڪو ڪجهه منٽن ۾ ئي تيار ٿي ويندو ۽ توهان جي چهري جي لاءِ به فائديمند ثابت ٿيندو آهي.

ايڪٽيويٽڊ چارڪول جسم ۾ زهريلي مادن کي چوسڻ جي صلاحيت رکندو آهي، جنهن جي ڪري چهري تي موجود نظر نه اچڻ واري گندگي ختم ٿي ويندي آهي.

چارڪول نه رڳو موهيڙن، داڻن ۽ چُٽن کان ڇوٽڪاري جو سبب بڻبو آهي پر ان سان چهري جو رنگ به نکري پوندو آهي.

ماسڪ ٺاهڻ جون شيون ۽ طريقو:

ايڪٽيويٽڊ چارڪول پائوڊر هڪ چمچو، مَيٽُ هڪ چمچو، ماکي هڪ چمچو، زيتون يا بادام جو تيل ٻه کان ٽي ڦڙا، پيسٽ ٺاهڻ جيترو پاڻي

انهن سڀني شين کي درست نموني سان ملائي پيسٽ ٺاهي چهري تي لڳائي ڇڏيو، خشڪ ٿيڻ کانپوءِ مُنهن ٿڌي پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو.

اهو ماسڪ هفتي ۾ ٻن کان ٽي ڀيرا استعمال ڪيو، توهان کي پارلر تي وڃڻ جي ضرورت ئي نه پوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.