دوڙ: اڻ اعلانيل بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف 60 ميل جي رهواسين پاران احتجاجي مظاهرو

حيسڪو دوڙ طرفان اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف 60 ميل جي علائقي ڳوٺ يار محمد ڪيريو جي رهواسين ايس ٽي پي اڳواڻ غلام نبي ڪيريو، علي لغاري ،ظفر علي بروهي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ته واپڊا جو ڪرپٽ عملو انهن کان 10 هزار روپيه منٿلي گهري ٿو جڏهن ته انهن جي ڳوٺ ۾ بجلي چوري جو تصور ئي ڪونهي ، سڀ ڳوٺاڻا پنهنجن ميٽرن تي بجلي استعمال ڪندا آهن. هنن حيسڪو جي اعلي عملدارن کان گهر ڪئي ته ڳوٺ جي بجلي بحال ڪئي وڃي ٻِي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.