خيرپور ۾بجلي بندش شهرين کي بيزار ڪري ڇڏيو، ٽائر ساڙي ڌرڻو

خيرپور (ڊ ر) اوستاگاهي محلي ۾ بجلي جو ٽرانسفارمر هڪ مهنيو کان سڙي وڃڻ واري عمل محلي جي سوين رهواسين غلام حسين سمنگ، ذوالفقار، علي حيدر سمنگ،محمد موسي جماڻي،عنايت حسين منگي،امان الله،احمد بلالٻرڙو،علي در سهاڳ ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي مظاهرو ڪري پراڻي قومي شاهراه اوستاگاهي موڙ وٽ ٽائرن کي باهيون ڏيئي ڌرڻو هنيو،ان موقعي تي مظاهرين واپڊا سيپڪو جي عملدارن خلاف ڇتي نعربيازي ڪئي،مظاهرين ميڊيا کي ٻڌايو ته اوستاگاهي محلي جو گذريل هڪ مهينو اڳ بجلي جو ٽرانسفارمر سڙي ويو هو ۽ واپڊا سيپڪو جا عملدار 80 هزارروپيه وٺي ويا پر مهينو گذرڻ باوجود سڙيل بجلي جو ٽرانسفارمر درست نه ٿي سگهيوآهي،جنهن سبب قيامت جهڙي گرمي ۾ محلي واسي عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن، هنن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا واپڊا انجنيئر کي درخواستون ڏنيون آهن پر هن جي ڪن تي جوءِ به نه ٿي چري جنهن سبب شهري مجبور ٿي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر جلد درست ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ شهري سخت احتجاج ڪندا، جڏهن ته پراڻو قومي شاهراه تي ڌرڻي سبب 5 ڪلاڪ روڊ ٻنهي پاسن کان مڪمل بند هجڻ سبب سوين گاڏين جو قطارون لڳي ويون ۽ مسافر سخت پريشان رهيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.