ٽنڊي باگي لڳ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي

ٽنڊو ڀاگو (ت ۔ر)ٽنڊباگي لڳ شفيع نظاماڻي اوطاق وٽ ٻن موٽرسائيڪلن جي آمهون سامهون ٽڪر۾هڪ ڄڻو فضل ڀنڀروجورهواسي رجب علي رندفوت ٿي ويوجڏهن ته ٻه ڄڻا آلو۽گنگوسخت زخمي ٿي پيا ٻي طرف گنگو  ڪڇيجيڪو پنھنجي فوتي زال راڻي جيڪا گذريل ڏينھن ڪراچي ۾ فيڪٽري مان مزدوري ڪندي واپس ايندي سوزوڪي مان ڪري فوت ٿي ھئي ان جو لاش جھڏو جي قبرسات ۾ دفن ڪري واپس ايندڙ سندس مڙس گنگو ۽ پٽ آلو به حادثي جو شڪار ٿي سخت ّزخمي ٿي پيا ۽ تعلقا اسپتال منتقل ڪيا ويا جتي گنگو  جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي فوتي جولاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.