نامياري سياستدان ممتاز علي ڀُٽي جو وڇوڙو

نديم لوڌي

ڏهيسر  طور سڃاتو ويندڙ سياستدان ممتاز علي ڀٽو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، هن تقريبن هڪ صديءَ جي سياست جا لاها چاڙها ڏٺا، سندس سنڌ لاءِ ڪيل ڪوششون وسارڻ جوڳيون ناهن، هو 29 نومبر 1933ع تي ڳوٺ پير بخش ڀٽي،ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو .هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو سئوٽ ۽ سنڌ نيشنل فرنٽ جو چيئرمين به هو، ماضيءَ ۾ پيپلزپارٽيءَ جو ميمبر، وفاقي وزير ،گورنر ۽ سنڌ جو وڏو وزير به رهيو آهي .هن پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۽ باقي تعليم ميسور( ڀارت )مان تعليم حاصل ڪئي .1959ع ۾ ’لنڪنس اِن ‘مان ’بار ايٽ لا ‘ ڪيائين ۽ 1963ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس جي ڊگري ورتي . مارچ 1965ع ۾ 32 سالن جي عمر ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. جڏهن  ذوالفقار علي ڀٽي 30 مارچ 1967ع تي پيپلز پارٽي ٺاهي ته هي ان جو بنيادي ميمبر  به رهيو .1970ع واري چونڊن ۾ سندس مقابلو قاضي فضل الله سان ٿيو ۽ هن ان چونڊ ۾ سرسي حاصل ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽي 24 ڊسمبر 1971ع تي  کيس سنڌ جو گورنر  مقرر ڪيو ۽ ان کانپوءِ پهرين مئي 1972ع تي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيو ويو.

ممتاز علي ڀٽي جو سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو هو ته هن سنڌ جي وڏي وزير طور سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري زبان جي درجي ڏيڻ جو سنڌ اسيمبليءَ مان ائڪٽ پاس ڪرائي سنڌي زبان کي اسڪولن ۾ لازمي قرار ڏياريو،پر  ڪجهه نام نهاد اردو دان طبقن پاران سندس تمام گهڻي مخالفت ٿيڻ سبب سنڌ ۾ لساني فساد ٿيا ۽ ”رئيس امروهوي جنگ اخبار ۾ اردو ڪا جنازه هي ذرا دهوم سي نکلي“ لکيو هو. ان بعد ممتاز صاحب کي ڏهيسر سنڌ جو لقب مليو هو. نتيجي طور مرڪز جي مداخلت تي مير رسول بخش ٽالپر سنڌ جي گورنر طور سنڌيءَ سان گڏ اردوءَ کي به سنڌ جي ٻي سرڪاري زبان جو درجو ڏنو ويو.

پنهنجي قائداڻين صلاحيتن جي ڪري ممتاز علي ڀٽو سٺي ايڊمنسٽريٽر طور مشهور ٿيو. 7 جنوري 1977ع تي ٿيل چونڊن ۾ هو هڪ دفعو وري قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو .1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کيس پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر مقرر ڪيو ويو .ڀٽي صاحب جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ کيس ضياءُ الحق گرفتار ڪري ورتو . ان کانپوءِ  هو ملڪ کان ٻاهر هليو ويو .31 مارچ 1985ع ۾ هن لنڊن ۾ سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ جي نالي سان نئون اتحاد ٺاهيو ۽ پاڻ ان جو ڪنيوينر مقرر ٿيو .مارچ 1989ع ۾ حيدرآباد ۾ هن ورڪرز ڪنوينشن ڪوٺايو ،جنهن ۾ هن سنڌ نيشنل فرنٽ جي نالي سان سنڌ سطح تي نئين پارٽيءَ جوڙي ،جنهن جو پاڻ چيئرمين ٿيو

پاڪستان ۾ ڪنفيڊرل نظام قائم ڪرڻ هن پارٽيءَ جي منشور جو مکيه نقطو آهي .1993ع ۾ لاڙڪاڻي مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ 6 نومبر 1996ع ۾جڏهن صدر فاروق احمد لغاريءَ بينظير ڀٽو جي حڪومت کي برطرف ڪيو ته ان کانپوءِ ممتاز علي ڀٽي کي سنڌ جو نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو .شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کيس گهڻو ڀائيندو هو ،کيس پنهنجو” هوشيار ڪزن“سڏيندو هو ويجهي ماضيءَ ۾ ممتاز علي ڀُٽي شهيد بينظير ڀٽو جي پارٽي پاليسين سان اختلاف رکيا، شڪار جو شوقين ممتاز علي ڀٽو مطالعي جو ذوق به رکي ٿو ،ڪجهه سال اڳ هن سنڌ جي قومپرست پارٽين سان گڏجي” سنڌ قومي اتحاد “ٺاهيو، جيڪو پائدار ثابت نه ٿيو. پنهنجي فرزند امير بخش ڀُٽي سان گڏ پنهنجي پارٽيءَ” سنڌ نيشنل فرنٽ “کي پڻ متحرڪ رکندو آيو.

سنڌ جو هي ناميارو سياستدان ڳچ عرصي کان بيمار هو، آخرڪار  هو ڪراچي ۾  18 جولاءِ 2021 تي 88 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.