افغانستان : هاڻي نه ٽياڪڙ رهيو ۽ نه ئي وري ڪا اختياري

امتياز عالم

تاشقند ۾ افغان صدر ۽ پاڪستان جي وزيراعظم عمران جي وچ ۾  جيڪا تلخ ڪلامي ۽ الزام بازي ٿي آهي، ان مان اهو صاف ظاهر آهي ته هاڻي پاڪستان جو افغان ڌڙن جي وچ ۾ ٽياڪڙيءَ وارو ڪردار بلڪ ختم نه ته به تمام گهڻو گهٽجي ضرور ويو آهي. افغانستان مان آمريڪا جي نڪري وڃڻ بعد افغان حڪومت لوڏن ۾ اچي وئي آهي ۽ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي ان کي رڳو فاتح طالبان ئي پرُ ڪرڻ جي صورتحال ۾ آهن، افغانستان ۾ نفسياتي طور تي افغان طالبان جي فتح ٿي چڪي آهي. آمريڪا وانگر افغانستان ۾ ان جي حمايتي حڪومت جي فتح جا امڪان تمام گهٽ آهن جڏهن ته قومي انتشار ۽  افغانستان اندر گهرو ويڙهه جا امڪان تمام وڌي ويا آهن. افغانستان جي سرڪاري فوج جيتوڻيڪ تمام گهڻو تربيت يافته آهي پر تنهن هوندي مرڻ ۽ مارائڻ لاءِ تيار نه آهي، جڏهن ته افغان عوام به هاڻي جنگ کان بيزار ٿي چڪو آهي، افغان حڪومت به اندروني طور تي تمام گهڻو انتشار جو شڪار ٿي چڪي آهي، جڏهن ته جيڪي ڌڙا طالبان کان خوفزده آهن اهي پاڻ ۾ ان ڪري هڪ آهن ته طالبان سان ڳالهين جو ڪو رستو نڪري اچي ۽ هو طالبان سان امن ڪري پنهنجي پنهنجي حصي جون رعايتون يا فائده حاصل ڪري سگهن. هاڻي طاقت جو محور ڪابل مان صوبن ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي جتي يا ته افغان فوج ۽ مليشيا طالبان سان جنگ ڪري رهي آهي يا وري کين جڳهه ڏئي رهي آهي. طالبان تيزيءَ سان ڳوٺاڻن علائقن تي قبضا ڪري رهيا آهن ۽ هن وقت به تمام اهم ۽ مکيه رستا ۽ واپاري منڊيون طالبان جي قبضي ۾ آهن. هن دفعي اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته طالبان کي اهو احساس ٿي ويو آهي ته دنيا ۾ اڪيلا هلي نه سگهندا جيئن طالبان جي ملا واري دور ۾ طالبان حڪومت سڄي دنيا ۾ اڪيلي هُئي، هن دفعي طالبان جي ڪوشش آهي ته پاڙيسري ملڪن سميت سموري دنيا جي ملڪن سان گڏ هلجي خاص ڪري آمريڪا سان ۽ انهن سان سمورا سفارتي تعلقات پڻ قائم ڪجن.

افغان بحران جي هن نئين ڊراپ سين وقت پاڪستان جي سفارتي ”غير جانبداريءَ“ ڪابل جي موجوده حڪومت نه ٿي سمجهي، ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ اختلاف ايترا ته سنگين ٿي چڪا آهن جو 17- جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ  امن ڪانفرنس ملتوي ڪئي وئي آهي ڇو جو ڪابل کي پاڪستان جي ٽياڪڙيءَ تي ڪوبه اعتبار نه آهي. صدر افغان جيترو جلديءَ سان اندروني ۽ بيروني طور تي اڪيلو ٿيندو پيو وڃي اوترو ئي هو پنهنجي سخت موقف تي قائم رهي نه سگهندو ۽ افغان امن ڪائونسل ۽ ٻيا طاقتور ڌڙا وڌيڪ سگهارا ٿي ويندا. ان ڏس ۾ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته طالبان جيئن جيئن طاقت جي پوزيشن ۾ ايندا پيا وڃن ۽ کين افغان مهاجرن ۽ ڪابل مخالف ڌرين پاران سگهه ملندي پئي وڃي تيئن تيئن هو لچڪ جو مظاهرو ڪري رهيا آهن.  هاڻي هو افغان امارات جي بحاليءَ جو مطالبو ته نه پيا ڪن پر افغان قومي جهنڊن کي لاهي پنهنجو جهنڊو ڦڙڪائڻ ۽ شريعت ضرور لاڳو ڪرڻ چاهيندا، هونئن به افغانستان ۾ شريعت لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان افغان ڌڙن ۾ نرم يا سخت موقف کان سواءِ ٻيو ڪو بنيادي اختلاف نه آهي. رڳو سماج جي ٿوري يا گهڻي آزاديءَ تي اختلاف آهي. طالبان هاڻي ٽن مهينن جي جنگ بنديءَ جي معاهدي تي به راضي آهن رڳو شرط اهو آهي ته سندن جا ست هزار جنگي قيدي آزاد ڪيا وڃن، هاڻي هو ” اسلامي نظام“ ۽ ”پختون ولي“ جي دائري اندر اهڙي ڪنهن به سمجهوتي تي راضي ٿي سگهن ٿا جنهن ۾ کين مرڪزي حيثيت حاصل هُجي.

دوها ڪانفرنس ۾ شريڪ ڌرين پنهنجا پنهنجا خدشا ته ظاهر ڪيا، پر ڳالهه ٻولهه اڳتي وڌي نه سگهي، شايد ان لاءِ به ته هر ڌر هڪ ٻئي جي جهوٽي کائڻ جي انتظار ۾ آهي ته جيئن ان تي وار ڪري سگهجي ٿو، اهڙي صورتحال ۾ ائين نه ٿئي جو ڳالهين جو دور ختم ٿي وڃي ۽ هڪ ٻئي خلاف رهندڙ ڌڙا ننڍڙن حملن کي اڳتي وڌي هڪ ٻئي خلاف باقاعده جنگ جي صورتحال ۾ نه پهچي وڃن. طالبان کي پاڪستان سميت پاڙيسري ملڪن ۽ سموري دنيا اهو بانور ڪرائي ڇڏيو آهي ته ڪابل تي سندن جو طاقت جي زور تي قبضو هرگز قبول نه ڪيو ويندو جنهن بعد طالبان به سياسي عمل طرف متوجهه ٿيا آهن. هن وقت وقت طالبان جي حق ۾ آهي جڏهن ته ڪابل جي حڪومت وقت وڃائي رهي آهي، جيڪا غلطي افغانستان جي اڳوڻي صدر ڪرزئي ڪافي اڳ ڪئي هُئي يعني طالبان کي ڳالهين جي عمل ۾ ناڪام ڪري حڪومت ڪرڻ، هاڻي اها غلطي لڳي ٿو ته صدر اشرف غني پڻ ڪري رهيو آهي جڏهن ته افغانستان مان آمريڪي ۽ نيٽو جي فوجين جي نڪري وڃڻ ڪري طاقت جو توازن به ان جي حق ۾ نه آهي، ٻئي پاسي طالبان جي لاءِ مشڪل اها آهي ته وسيع تر سياسي ٺاهه ۽ وسيع تر عبوري انتظام کانسواءِ طالبان جي طاقت ۽ فوجي فتح دنيا جي ڪنهن به ملڪ کي قبول نه آهي اهو ئي سبب آهي ته طالبان اڪيلا رهجي ويندا، جڏهن ته عوام به طالبان جي اڳوڻي وحشي دور کان انتهائي بدظن آهن ۽طالبان کي ان صورت ۾ قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، جڏهن ته طالبان ۾ به ڦيرو اچي ويو آهي ۽ هاڻي هو به ضدي ۽ احمق نه رهيا آهن، هن وقت جيئن انهن آمريڪين سان معاملا حل ڪيا آهن ۽ پنهنجن مخالف کي اڪيلو ڪيو آهي، ان مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته هو هاڻي سياسي سوچ جي حوالي سان ڪافي پختا ٿي ويا آهن.

افغان جنگ جي ويهن سالن جومرڪز، محور ۽ وڏي رانديگر آمريڪا هاڻي ته پنهنجا ٽپڙ گول ڪري آمريڪا واپس وڃي چڪو آهي پر تنهن هوندي به اڃان تائين افغان حڪومت جو ساهه جنهن طوطي ۾ آهي اهو آمريڪا جي هٿ ۾ آهي. هن وقت به افغان حڪومت جا سمورا ڪل پرزا ان جا پگهاردار جڏهن ته ايندڙ وقت ۾ افغان حڪومت جو بندوبست آمريڪا جي ڊالرز تي ئي ٿيندو رهندو. افغانستان جي هاڻوڪي خراب صورتحال کي آمريڪا وڌيڪ خراب ڪري پنهنجي حق ۾ استعمال ڪري سگهي ٿو . هن وقت به آمريڪا تقريبا 5 ارب ڊالرن جي امدا جي لالچ افغانن کي ڏني آهي جنهن بعد سڀني جي وات مان گهگهه ڳڙي رهي آهي جڏهن ته نيٽو ملڪن ۽ يو اين او جي مدد الڳ آهي.

رهي ڳالهه پاڪستان جي جنهن کان طالبان کان سواءِ تقريبن هر ڌر بيزار آهي، انهن مان هر هڪ کي پاڪستان مختلف وقتن تي گهڙي وانگر استعمال ڪيو آهي، طالبان به پنهنجو دفتر دوحه ۾ قائم ڪيو ۽ ملا عمر به پاڪستان هجرت ڪرڻ کان انڪار ڪيو. طالبان اهو به چيو آهي ته جيڪي جهادي مهمان افغانستان ۾ آهن انهن کي ڪنهن جي حوالي نه ڪيو ويندو، ها پر انهن کي ٻين ملڪن جي خلاف دهشتگرديءَ جي اجازت هر گز نه ڏني ويندي. هاڻي افغانستان ۾ پاڪستان جا اتحادي رڳو طالبان آهن جن جي بغل ۾ تحريڪ طالبان ۽ ٻيا دهشتگرد گروپ آهن جن مان چين سميت، پاڪستان، ايران، تاجڪستان، ازبڪستان وغيره انتهائي بيزار آهن. موجوده صورتحال ۾ پاڪستان جون سگهاريون ڌريون يا ته طالبان جي آخري فتح جو انتظار ڪري يا وري صدر غنيءَ جي حڪومت جي اندروني انتشار جو، اهڙي صورتحال ۾ طالبان ۽ ٻين هٿياربند ڌڙن مان ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي، سواءِ ان جي ته طالبان کي اهو سمجهايو وڃي ته هو ٿڌو ڪري کائين ۽ سڀني ڌرين کي گڏجي ڪري هڪ وسيع حڪومت جوڙين، مجوده صورتحال ۾ بهتر اهو ٿيندو ته علائقي جون سموريون ڌريون گڏجي ڪري ٽياڪڙيءَ جو ڪردار ادا ڪن يا وري ممڪن هُجي ته گڏيل قومن جو ادارو افغان خانه جنگيءَ جي صورتحال مان نڪرڻ لاءِ ڪو رستو ڪڍي.

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.