نواز شريف اداڪاري ڪري لنڊن ويو، ججن کي سزا لاءِ فون ناهيان ڪندو: وزيراعظم

مظفرآباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مان ماضي جي حڪمرانن جيان ڪنهن جج کي فون ڪري سزا ڏيڻ جو ناهيان چوندو، اداڪاري ڪري ٻاهر ويندڙ نواز شريف جي بيماري لنڊن پهچندي ئي ختم ٿي وئي. آزاد ڪشمير جي علائقي ڀمبر ۾ جلسي سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ ملڪ ۾ عدالتون آزاد آهن، ڪنهن جج کي فون ڪري سزا ڏيڻ جو ناهيان چوندو، ملڪ جو اڳوڻو وزيراعظم ڪوڙ ڳالهائي ۽ اداڪاري ڪري بيمار بڻجي ٻاهر هليو ويو، هن اهڙي اداڪاري ڪئي جو اسان جي عورت ميمبرن به کيس ڏسي روئڻ شروع ڪري ڇڏيو، اسحاق ڊار کان ويندي شريف فيملي جا ٻار ٻاهر ڇو ڀڄي ويا آهن؟هن چيو ته مان توهان جي مستقبل جو سوچيندو آهيان، توهان جنهن پارٽي کي ووٽ ڏئي رهيا آهيو، ان جو ليڊر صادق ۽ امين آهي؟ بدقسمتي سان اسان غلط رستي تي هليا وياسين، پِنندڙ جي ڪير عزت ناهي ڪندو، مان سڄي دنيا ۾ سائي پاسپورٽ جي عزت ڪرائڻ چاهيان ٿو. دنيا ۾ جتي غربت آهي، اتي زرداري ۽ نواز شريف جهڙا حڪمران آهن،   سندس چوڻ هو ته اسان قانون جي حڪمراني جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، توهان ڄاڻو ٿا ته توهان جي ڪپتان کي مقابلو ڪرڻ اچي ٿو، توهان جي سهڪار سان مافيا کي شڪست ڏيندس، اسان هڪ نئون پاڪستان ٺاهي ڏيکارينداسين.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.