سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير بزرگ سياستدان سردار ممتاز علي ڀٽو لاڏاڻو ڪري ويو

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) ملڪ جو ناميارو  بزرگ سياستدان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو مرڪزي اڳواڻ سردار ممتاز علي ڀٽو 88 ورهين جي ڄمار ۾ ڊگهي علالت سبب ڪراچي جي نجي سائوٿ سٽي اسپتال ۾ ساهه جو سڳو ٽٽڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. جيئن ئي سردار ممتاز علي ڀٽو جي لاڏاڻي واري خبر ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي آئي ته ماڻهن ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي. سوڳ ۾ نئون ديرو شهر بند ٿي ويو ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهو سردار ممتاز علي ڀٽو جي اباڻي ڳوٺ ميرپورڀٽو پهچڻ شروع ٿي ويا. سندس جا ڪيترائي چاهيندڙ سڏڪا ڀري پنهنجي محبوب اڳواڻ کي ياد ڪري زارو قطار روئيندا رهيا. مرحوم سردار ممتاز علي ڀٽو جو مڙهه رات دير سان ڪراچيءَ کان لاڙڪاڻي بعد ميرپور ڀٽو ۾ آندو ويو جتي اڄ سردار ممتاز علي ڀٽو کي ميرپورڀٽو جي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. ان حوالي سان ڏهيسر هائوس لاڙڪاڻي جي ترجمان رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته سردار ممتاز علي خان جي طبيعت اوچتي خراب ٿي جنهن کي ڪراچي جي نجي سائوٿ سٽي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو جتي هو لاڏاڻو ڪري ويو آهي. هوڏانهن سردار ممتاز علي خان ڀٽو جي لاڏاڻي تي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن طرفان سردار ممتاز علي ڀٽو جي فرزند اميربخش ڀٽو سان فون ذريعي رابطو ڪري گهري ڏک جو اظهار پڻ ڪيو آهي.

سردار ممتاز ڀٽو 28 نومبر 1933ع ۾ پيدا ٿيو

لاڙڪاڻو: سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سردار ممتاز علي ڀٽو ميرپور ڀٽو ۾ نواب نبي بخش خان ڀٽو جي گهر ۾ 28 نومبر 1933 تي پيدا ٿيو. سردار ممتاز علي ڀٽو پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ميرپورڀٽو ۽ باقي تعليم هندوستان جي شهر ميسور مان حاصل ڪئي. هن 1959ع ۾ ’لنڪنس اِن يونيورسٽي مان بئريسٽر جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ 1963ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ انگلينڊ مان ماسٽرس جي ڊگري ورتي. سردار ممتاز علي ڀٽو پ پ جو بانيڪارن ۾ شامل ھو، ھو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو سئوٽ ۽ ويجهو ساٿي ھو. سردار ممتاز علي ڀٽو 5 مارچ 1965ع ۾ 32 سالن جي عمر ۾ لاڙڪاڻي مان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو. ذوالفقار علي ڀٽي 30 مارچ 1967ع لاهور ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو جڏهن ته 1970ع واري چونڊن ۾ سردار سردار ممتاز علي ڀٽو سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قاضي فضل الله سان مقابلو ڪري اها چونڊ کٽي ورتي. سيپٽمبر 1968ع کان آمر جنرل محمد ايوب خان خلاف جمهوري جدوجهد جو آغاز ڪيو ويو ته تحريڪ ۾ سردار ممتاز علي ڀٽو پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان هر ڏک سک ۾ ٻانهن ٻيلي رهيو ۽ 13 نومبر 1968ع تي ڊي پي آر تحت گرفتار ٿيو. سردار ممتاز علي ڀٽو 22 ڊسمبر 1971ع کان 20 اپريل 1972ع تائين سنڌ جو 8 هون گورنر ۽ چيف مارشل لا اينڊمنسٽريٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ پوءِ پهرين مئي 1972ع کان 20 ڊسمبر 1973ع تائين سنڌ جو 13 هون وڏو وزير رهيو. سنڌ جي وڏي وزير طور هن سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري زبان جو درجي ڏيڻ جو سنڌ اسيمبليءَ مان ائڪٽ پاس ڪرائي سنڌي زبان کي اسڪولن ۾ لازمي قرار ڏياريو پر ان جي ڪجهه نام نهاد اردو دان طبقن طرفان مخالفت ٿيڻ سبب سنڌ ۾ لساني فساد ٿيا ۽ نتيجي طور مرڪز جي مداخلت تي مير رسول بخش ٽالپر گورنر سنڌ طور سنڌيءَ سان گڏ اردوءَ کي به سنڌ جي ٻي سرڪاري زبان جو درجو ڏنو. سردار ممتاز علي ڀٽو سٺي ايڊمنسٽريٽر طور مشهور ٿيو. 7 جنوري 1977ع تي ٿيل چونڊن ۾ هو هڪ دفعو وري قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو. 1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کيس پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر مقرر ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد کيس ضياءُ الحق گرفتار ڪرائي ورتو. بعد ۾ هو ملڪ کان ٻاهر هليو ويو. 31 مارچ 1985ع ۾ هن لنڊن ۾ سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ جي نالي سان نئون اتحاد ٺاهيو ۽ پاڻ ان جو ڪنوينر مقرر ٿيو. مارچ 1989ع ۾ حيدرآباد ۾ هن ورڪرز ڪنوينشن ڪوٺايو جنهن ۾ هن سنڌ نيشنل فرنٽ جي نالي سان سنڌ سطح تي نئين پارٽيءَ جوڙي جنهن جو پاڻ چيئرمين ٿيو. پاڪستان ۾ ڪنفيڊرل نظام قائم ڪرڻ هن پارٽيءَ جي منشور جو مکيه نقطو هو. سردار ممتاز ڀٽو ريلوي جو وفاقي وزير پڻ رھيو. سردار ممتاز علي ڀٽو سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. هن سنڌ الاجي جو بنياد پڻ رکيو. سردار ممتاز علي ڀٽو 1993ع ۾ لاڙڪاڻي مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ 6 نومبر 1996ع ۾ جڏهن صدر فاروق احمد لغاريءَ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ته ان بعد سردار ممتاز علي ڀٽي کي سنڌ جو نگران وڏو وزير مقرر ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کيس گهڻو ڀائيندو هو، کيس پنهنجو “ٽيلينٽِڊ ڪزن” سڏيندو هو. سردار ممتاز علي ڀٽو 22 سال پيپلز پارٽيءَ ۾ رهيو ۽ 1989ع ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومتي دور ۾ سردار ممتاز علي ڀُٽي شهيد بينظير ڀٽو جي پارٽي پاليسين سان اختلاف رکندي پيپلز پارٽي کي الوداع ڪري ڇڏيو. سردار ممتاز علي ڀٽو شڪار جو شوقين ۽ مطالعي جو ذوق رکندڙ هو. سردار ممتاز ڀٽو سنڌ جي قومپرست پارٽين سان گڏجي “سنڌ قومي اتحاد” ٺاهيو جيڪو پائيدار ثابت نه ٿيو ۽ سال 2012ع ۾ پنهنجي پارٽي کي پاڪستان مسلم ليگ ن ۾ ضم ڪري ڇڏي، 2016ع ۾ ن ليگ سان اختلافن سبب ن ليگ ڇڏي پنهنجي پارٽي فرنٽ کي بحال ڪيو ۽ 2017ع ۾ هن پنهنجي ساٿين سميت پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت ڪئي. سردار ممتاز علي ڀٽو سنڌ جو اصول پرست سياستدان ھو، سردار ممتاز ڀٽو کي ٻه پٽ امير بخش خان ڀٽو ۽ علي حيدر خان ڀٽو ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آھي.

ممتاز علي ڀٽو جي لاڏاڻي تي  قومپرست  پاران ڏک جو اظهار

ڪراچي / حيدرآباد (رپورٽر ) سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه سردار ممتاز علي ڀٽو جي لاڏاڻي تي  سياسي جماعتن پاران ڏک جو اظهار ان ڏس ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاھ پاران سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه سردار ممتاز علي ڀٽو جي لاڏاڻي تي نهايت ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سندس پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. جڏهن ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو مرڪزي وفد سندس آخري رسمن ۾ شرڪت ڪندو، قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو سينيئر سياست دان مماز ڀٽي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي پارٽي ڪارڪنن ۽ پونئرن ڏک جو اظهار ڪيو آهي، ٻئي پاسي عوامي جمهوري پارٽي پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن ڪرم حسين وساڻ،غلام قمبر حاجاڻو،نور نبي راهوجو، حريف چانڊيو ،رشيد سڌايو ،لعل محمد چانڊيو ۽ ٻين ممتاز ڀٽو جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ممتاز ڀٽو جو سنڌ قومپرست سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو سندس وفات تي پوئنرن سان دلي تعزيت ڪجي ٿي، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور سنڌ جي معمر سياستدان ممتاز علي ڀٽو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ممتاز علي خان ڀٽو سنڌ جي سياست جو هڪ وڏو نالو هو. هڪ سياستدان طور هن سياست ۾ نوان خيال ۽ لاڙا متعارف ڪرايا. هن قومپرستن جي اتحادن لاءِ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. سندس خدمتن کي تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو. قومي پارٽي کيس خراج تحسين پيش ڪري ٿي. سندس لاڏاڻي سان سنڌ هڪڙي وڏي سياستدان کان محروم ٿي وئي آهي.

وزيراعظم، صدر ۽ ٻين پاران ممتاز ڀٽو جي لاڏاڻي تي افسوس

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان سنڌ جي اڳوڻي گورنر ممتاز علي ڀٽو جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه آچر ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هو سردار ممتاز علي ڀٽو جي لاڏاڻي جي اطلاع ملڻ تي ڏکويل آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سنڌ جي اڳوڻي گورنر ممتاز علي ڀٽو جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي لاڏاڻي تي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سينيئر سياستدان ممتاز ڀٽو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه آچر ڏينهن پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته ممتاز علي ڀٽو جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو ٿيو. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد سنڌ جي اڳوڻي گورنر ممتاز علي ڀٽو جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ وڏي وزير ممتاز علي ڀٽو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. 03

سردار ممتاز ڀٽو سچو، کرو ۽ ورسٽائيل سياستدان هو: سينيٽر صفدر عباسي

لاڙڪاڻو: پاڪستان پيپلز پارٽي ورڪرز جي سربراهه ۽ اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر علي عباسي سردار ممتاز علي ڀٽو جي وڇوڙي کي قومي سانحو قرار ڏيندي چيو آهي ته سردار ممتاز علي ڀٽو ورسٽائل، سچو ۽ کرو سياستدان هو جنهن هميشه حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪئي ۽ پنهنجي اصولن تي مرڻ گهڙي تائين قائم ۽ دائم رهيو. سندس وڇوڙو قومي سانحو آهي، سردار ممتاز علي ڀٽو جواني کان وٺي پيرسني تائين ملڪي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ مختلف عهدن تي رهي عوام جي خدمت ڀرپور خدمت ڪئي. هن چيو ته سردار ممتاز علي ڀٽو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ويجهو ساٿي هو جنهن آمريت جي دور ۾ جيل جون عقوبتون سٺيون پر هن اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي. هن چيو ته اڄڪلهه جي سياست ۾ عوامي خدمت جو جذبو ختم ٿيندو پيو وڃي پر مرحوم سردار ممتاز علي ڀٽو پنهنجي اقتداري دور ۾ سنڌ ۾ وڏا سڌارا آندا ۽ سنڌي ٻوليءَ جو بل سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرايو جيڪو ان جو وڏو ڪارنامو هو. هن چيو ته سردار ممتاز علي ڀٽو جهڙيون شخصيتون ۽ انسان ورلي پيدا ٿيندا ۽ هن جو وڇوڙي جو خال صدين تائين ڀرجي نه ٿو سگهجي.

سردار ممتاز ڀٽو جيئري ئي آخري آرام گاهه تعمير ڪرائي ڇڏي هئي

لاڙڪاڻو: مرحوم سردار ممتاز علي ڀٽو پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي ميرپور ڀٽو ۾ پنهنجي آخري آرامگاهه جوڙائي هئي جتي اڄ سردار ممتاز علي ڀٽو کي دفنايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.