سامارو ڀرسان پورھيت ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

سامارو ( ن ع آ ) کوسو واسي گڏهه گاڏو هلائي گذز سفر  ڪندڙ پورھيت نوجوان محمد عيسي کوسو  گھر اندر پنکي مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب موقعي فوت ٿي ويو ، نوجوان جي وارثن نوجوان کي تعلقي اسپتال سامارو پھچايو جتي  تعلقه اسپتال سامارو جي ڊاڪٽرن نوجوان جي  فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي جنهن  بعد نوجوان جو مڙھ سندس ڳوٺ حاجي خان کوسو (بلوچ آباد ) نيو ويو ، جتي نوجوان جو مڙھ ڳوٺ پھچڻ تي ڳوٺ ۾  قھرام مچي ويو ، فوتي جي وارثن  ٻڌايو ته  اسين تمام گھڻا غريب آھيون اسان جو نوجوان محمد عيسي کوسو سامارو شھر ۾ گڏھ گاڏي ھلائي ٻچن جو گذر سفر ڪندو ھو جيڪو اڄ پنهنجي گھر اندر پنکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت تي ويو  آھي ھو گھر جو اڪيلو ڪمائڻ وارو ھو آخري اطلاعن تان واقعي جي ڪابه ڪابه رپورٽ وغيرھ داخل نه ٿي سگهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.