روبينا اڄڻ جا قاتل گرفتار ڪيو، کهڙا ۾احتجاج

کهڙا (ن ع آ) کهڙا ۾ مقتول نياڻي روبينا اڄڻ جي قاتلن جي گرفتاري ۽ خون سان انصاف لاء شھرين ۽ وارثن جو احتجاجي مظاهرو. ٽائرن کي  باهيون. ٿاڻي جي گيٽ اڳيان نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو. روڊ بلاڪ. سخت نعريبازي. ٽريفڪ جام. مهينو اڳ درگاه پير ڪٽڪپال تان اغوا بعد قتل ٿيل کهڙا واسڻ ناري روبينا اڄڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاء شھرين جي احتجاج جو سلسلو جاري آھي. . مقتول ناري روبينا اڄڻ جي قاتلن جي گرفتاري. خون سان انصاف ۽ ڪوٽڏجي پوليس خلاف ناري جي وارثن. شھرين. سماجي اڳواڻن پاران مبين اڄڻ. محمد علي اڄڻ. سيف الله سومري. عامر انصاري. ڪاشف ميمڻ. عدنان علي. بخش علي اڄڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ٿاڻي جي گيٽ اڳيان ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي کهڙا/ گمبٽ خيرپور روڊ کي بلاڪ ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ڌرڻي دوران ٽريفڪ جام ٿي وئي. گاڏين جون لائنيون لڳي ويون. احتجاجي ڌرڻي ۾ شھرين. سماجي اڳواڻن. ناري جي وارثن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. انهي موقعي تي سندن چوڻ ھو ته هڪ مهيني کان مٿي عرصو گذري وڃڻ جي باوجود به پوليس اڃان تائين مقتول نياڻي جا قاتل گرفتار ڪري ناهي سگهي ڪوٽڏجي پوليس ڪيس کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آھي. پوليس ڪيس لوڙھڻ چاهي ٿي مظاهرين جو وڌيڪ چوڻ ھو ته پوليس قاتلن جي گرفتاري لاء ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو انهن آء جي سنڌ. ڊي آ جي سکر. ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته مقتول نياڻي روبينا اڄڻ جا قاتل گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.