فريدآباد جو ظفرچانڊيو آزاد نه ٿيو، وارثن جي بک ھڙتال

فريدآباد  ( ن ع آ ) فريدآباد  واسي ظفر چانڊيو  جي جبري گمشدگي خلاف سندس جي وارثن ذاڪر حسين چانڊيو  زاھد حسين چانڊيو  علي چانڊيو   شاھد حسين چانڊيو  ۽ ماجد حسين چانڊيو  جي اڳواڻي ۾  206 ھين ڏينهن به علامتي بک ھڙتال جاري رکي  ھنن چيو ته ظفر چانڊيو  15 مھينن کان جبري طور گم آهي سندس جي امڙ روئي روئي حال ھيڻا ڪري ڇڏيا آهن  گھر جاڀاتي  سخت پريشان آهن  ھنن چيو ته عيد اچي وئي پر ظفر چانڊيو  ظاھر نه ٿيو  ھنن اقوام متحده انساني حقن جي عالمي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ظفر چانڊيو  کي ظاھر ڪري کين آزاد ڪرايو وڃي  ۽ اسان گھر جي ڀاتين جي بيچيني ختم ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.