ڪنب ۾شارٽ سرڪٽ مان ٽن دڪانن کي باهه

ڪنب (رپورٽ : خدا بخش تمراڻي )گذريل رات دير سان ڪنب شهر جي تمراڻي بازار ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب دڪانن کي باه لڳي  ويئي باه ڪيترن ئي دڪانن کي پنهنجي لپيٽ م آڻي ڇڏيو جڏهن ته باه لڳڻ سبب اوڍر مل جو بوٽ ھائوس ،مشتاق پلھ درزي ۽ يوسف پلھ درزي  جي دڪانن ۾ پيل لکين رپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو.  باه لڳڻ جي اطلاع تي دڪاندارن ۽ شھرين پهچي پنهنجي مدد پاڻ تحت باه وسائي ٻين دڪانن کي باھ لڳڻ کان بچائي ورتو جڏهن ته اطلاع باوجود فائر بريگيڊ نه پهچي سگهي۔ٻي طرف پورهيت درزي محمد يوسف پلھ جي دڪان جنهن ۾ سندس سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو هو ان جي واهر لاء دڪاندار اڳواڻ ممتاز علي وساڻ حاجي شرف الدين تمراڻي حاجي غلام قادر سومرو حاجي نعمت علي تمراڻي سيٺ جاڙومل  ۽ ٻين شھرمان چندا مهم ۾ دڪاندارن کان چندو وصول ڪري پورهيت دڪاندار محمد يوسف پلھ جي مالي مدد ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.