جوش بدران هوشمندي جي تقاضا

ايڊيٽوريل

افغانستان جي صدر اشرف غنيءَ الزام لڳايو آهي ته پاڪستان مان ڏهه هزار ويڙهاڪ افغانستان ۾ داخل ٿيا آهن، اهڙو اظهار هن ازبڪستان ۾ ٿيل سينٽرل اينڊ سائوٿ ايشيا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان ۽ آءِ ايس آءِ جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد افغانستان طرفان پاڪستان تي لڳايل الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پاران افغانستان ۾ ڪا دخل اندازي نه پئي ٿئي حقيقت ته اها آهي ته افغانستان طرفان مداخلت ٿيندي رهي آهي. انهن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي. پرامن ۽ مضبوط افغانستان ئي پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جي مفاد ۾ آهي. انهن چيو ته پاڪستان، افغانستان ۾ ڪنهن به ڌڙي جي حمايت نٿو ڪري البت پاڪستان اهو ضرور چاهي ٿوته افغانستان ۾ سڀني گروپن سان ڳالهيون ڪري امن قائم ڪيو وڃي.

اسان سمجهون ٿا ته افغانستان مان آمريڪي فوجن جي نڪرڻ کانپوءِ هن خطي اندر جيڪا بي چيني، ڇڪتاڻ، خوف ۽ خطري جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي تنهن ۾ جوش بدران هوشمنديءَ سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. عام ماڻهو ته ڪنهن به معاملي تي جذباتي ٿي سگهي ٿو ۽ ڪجهه به چئي سگهي ٿو. پر ملڪي سربراهن کي انتهائي ذميواريءَ سان بيان ڏيڻ گهرجن ۽ اهو سوچڻ گهرجين ته سندن بيان جا ڪهڙا اثر ۽ نتيجا نڪري سگهن ٿا.

افغانستان هجي يا پاڪستان يا دنيا جا جيڪي به ملڪي آهن تن کي ”جيو ۽ جيئڻ ڏيو“ واري پاليسيءَ کي يقيني طور تي لاڳو ڪرڻ گهرجي ۽  جنگين، فسادن ۽ تڪرارن بدران امن ۽ ڀائيچاري سان رهڻ جي فضا قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي هڪ اهڙي گڏيل پاليسي جوڙڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ سڀ ملڪ انهن نقطن تي لازمي طور تي ٺاهه ڪن جن تي ممڪن ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي ڪنهن به حڪومت جو بنيادي ڪم عوام کي سک ڏيڻ ۽ سٺي حڪومت قائم ڪرڻ آهي ۽ اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن دنيا جا سڀ ملڪ پاڻ ۾ ڀائيچاري سان رهندا.

افغانستان جي صدر اشرف غني کي  به هن وقت طالبان سان منهن ڏيڻ لاءِ سڀني پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ جو نئون سلسلو شروع ڪرڻو پوندو ۽ ايئن پاڪستان کي به پاڙيسري ملڪن سان صرف ۽ صرف سٺين لاڳاپن لاءِ اڳڀرائي ڪرڻ گهرجي. مثال طور جيڪڏهن پاڪ ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي ميچن سان يا ثقافتي ۽ ڪاروباري چرپر سان لاڳاپا بهتر ٿي سگهن ٿا ته پاڪستان کي اهي مفاد ماڻڻ گهرجن ۽ جن معاملن تي جنگ، تڪرار  ۽ ڇڪتاڻ جا امڪان هجن تن کي هڪ پاسي تي رکڻ جي پاليسي اختيار ڪرڻ گهرجي.

جيئن ماڻهن جو ذاتي ڪردار ٿيندو آهي تيئن ملڪن ۽ رياست جو به ڪردار ٿيندو آهي.جيڪي ملڪ آئين، قانون ۽ جمهوري روح وچان هلندا آهن، تن کي سٺي ڪردار طور ڏٺو ويندو آهي. سو دنيا جي سڀني ملڪن کي سمورين آئيني، قانوني، جمهوري ۽ اخلاقي گهرجن تحت پاڻ ۾ لاڳاپا رکڻ گهرجن ۽ عوام آڏو مهذب ڪردار جو مثال قائم ڪن.

 

عوام کي ”مهانگائي“ جي ”عيد مبارڪ“ هجي

 

پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻ کانپوءِ رپورٽون آهن ته وفاقي سرڪار يوٽيليٽي اسٽورن تي پڻ ملندڙ اٽي، کنڊ ۽ گيهه جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن وفاقي شماريات کاتي مهانگائي جي جيڪا هفتيوار رپورٽ پڌري ڪئي اهي تنهن ۾ عام استعمال جون شيون مهانگيون ڪري ڇڏيو آهن. ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ ٿيل اي سي سي اجلاس ۾ يوٽيليٽي اسٽورن تي کنڊ 17 رپيا في ڪلو مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. هاڻي کنڊ اتي 68 روپين بدران 85 روپيا في ڪلو ملندي. اهڙي نموني 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 150 رپيا مهانگو ڪيو ويو. ويهه ڪلو اٽي جي نئين قيمت 800 روپيا مهانگو مان وڌي 950 رپيا ٿي وئي آهي گيهه  جي قيمت  90 رپيا في ڪلو واڌ ڪئي آهي. ان ڪري 170 في ڪلو ملندڙ گيهه هاڻي 260 روپيا  في ڪلو ٿي ويو آهي. هوڏانهن وفاقي شماريات کاتي مهانگائي جي جيڪا هفتيوار رپورٽ پڌري ڪئي آهي تنهن ۾ عام استعمال جون 23 شيون مهانگيون ڪري ڇڏيون آهن.

اها ڪيڏي نه افسوس ۽ اچرج جي ڳالهه آهي ته مهانگائي بابت عوام جي دانهن ۽ ڪوڪن باوجود حڪومت ان تي ضابطي آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران ڏينهون ڏينهن واڌ ئي ڪندي رهي آهي. عام طور تي اهو تاثرهوندو آهي ته يوٽيليٽي اسٽورن تان عام واهپي جون شيون سستيون مهيا ڪيون وينديون آهن. هاڻي اتي به مهانگائي جو راڄ قائم ڪيو پيو وڃي.

جيڪڏهن پيٽروليم جون شيون به مهانگيون ٿين، عام مارڪيٽن ۾ به مهانگائي چوٽ چڙهيل هجي ۽ يوٽيليٽي اسٽور تي به ساڳي ڪار هجي ته ان کي مهانگائي جو طوفان نه چئبو ڇا چئبو. هڪ پاسي مهانگائي جو طوفان رڪجڻ جو نالو نٿو وٺي ٻئي پاسي بجيٽ اندر پگهارن ۾ به جوڳي واڌ نه ڪئي وئي آهي، بيروزگاري الڳ دانهون ڪري رهي آهي پر ساڳي معاشي بحران ۾ حڪمرانن جون عياشيون ۽ مراعائتون قائم ۽ دائم ئي آهن. سادگي جون رڳو ڳالهيون ڪيون وينديون آهن.

اسانکي اهو لکندي بيحد ارمان ٿي رهيو آهي ته عيد جي موقعي تي به حڪومت عوام کي ڪو رليف نه ڏئي سگهي آهي. هاڻي عوام مهانگائي جي طوفان ۾ عيد ڪندو تنهن ڪري عوام کي مهانگائي جي عيد مبارڪ هجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.