پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ جو ذميوار ڪير آهي؟

تحرير: غلام حسين جوڻو

پاڪستان جو نهري نظام ، انگريز سرڪار متعارف ڪرايو ۽ ان کي ڪاميابي سان هلايو. اهو سرشتو ، دنيا جي بهترين سرشتن مان هڪ آهي. نهري پاڻي جي ذريعي سڄي ملڪ جون زمينون آباد ٿيون. هر قسم جا زرعي فصل ڪاهجڻ لڳا. نتيجي ۾ سنڌ جا ماڻهو خوشحال ٿيڻ لڳا. هتان جي آبادي جي اڪثريت زراعت سان تعلق رکي ٿي. هتان جو عوام محنت ڪري فصل اپائي ٿو ۽ سڄي ملڪ کي پالي ۽ کارائي ٿو. ملڪ جو نهري نظام به سنڌ ۾ اچيو ڇوڙ ڪري. اڳ ۾ فصل ڀلا ان ڪري ٿيندا هئا جو ، نهري پاڻي جهجهو هوندو هو. فصلن کي گهربل مقدار ۾ پاڻي ملندو رهيو. پر، هاڻي پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ٿي ويئي آهي. مٿان کان پاڻي گهٽ اچي پيو. جنهن ڪري سنڌ جون زرعي زمينون ڪجهه آباد ڪيون وڃن  ٿيون ته ڪي وري مورڳو غير آباد آهن. انهن ۾ ڪو به فصل ڪونه ٿو ڪاهيو وڃي. اهي بنجر ۽ ويران آهن. هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ، پاڻي جي کوٽ جا ڪارڻ ڪهڙا آهن. ان حوالي سان غور ڪبو ته ان جا ڪيترائي ڪارڻ ذهن ۾ اچي ويندا. پر، آئون هتي صرف ٻن سببن تي ڪجهه اکر لکڻ گهران ٿو.

اها حقيقت آهي ته ، پاڻي جي غير منصفانه ورڇ جي ڪري پنجاب وڌيڪ پاڻي کڻي رهيو آهي. سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي. ارسا جو سنڌ سان ٻه اکيائي وارو ورتاءُ به مذمت جوڳو عمل آهي. هن وقت پنجاب کي جهجهو پاڻي ملڻ ڪري، اتان جون سموريون زمينون آباد نظر اچن ٿيون. اتي هر زرعي فصل ڪاهيو وڃي ٿو. ميوات جا باغات به تمام گهڻا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اتي زمين جي ڪا اهڙي ٽڪري به ڪانه آهي جيڪا غير آباد هجي. ان جي ڀيٽ ۾ ، سنڌ جي زمين بنجر بنجندي پئي وڃي. اها تباهي ، غيرآبادي ۽ ويرانگي ڏسي ڏاڍو دلي صدمو ۽ ڏک رسي ٿو. پنجاب ۽ ارسا جو اهڙو ڌاڙو ، سنڌي قوم ۾ احساس ڪمتري پيدا ڪري رهيو آهي.

اسان اها حقيقت دل سان مڃون  ٿا ته ، مٿان کان سنڌو درياءَ ۾ پاڻي گهٽ ڇڏيو وڃي ٿو. پر، جيڪو ٿورو يا گهڻو پاڻي درياهه ۾ اچي ٿو. نهرن ۾ وهي رهيو آهي. تنهن جي سنڌ ۾ به منصفانه ورڇ ڪونه ٿي ڪئي وڃي. گهڻو ڪري منڍ وارا زميندار ، پاڻي تي ڌاڙو هڻي رهيا آهن. پاڻي کي منڍ تي روڪيو ويٺا آهن. پڇڙي تائين پاڻي ڪونه ٿو ڏنو وڃي. آبپاشي جا اڪثر آفيسر به ايماندار آهن. ڪنهن کان به روپيو ڪونه وٺن. اهي منڍ وارن زميندارن سان ملي ڀڳت ۽ ڳٺ جوڙ ڪري پڇڙي جي زمين کي غير آباد ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن ڪنهن بااثر سياسي ماڻهو جي زمين واٽر ڪورس جي پڇڙي تي آهي ته ، ٻين واٽر ڪورسن کي دڪا هڻي ، ان زمين کي پاڻي ڏنو وڃي ٿو.. مطلب ته هن وقت اها صورتحال آهي جو ، چونڊيل نمائنده ، سياسي شخصيتون ۽ جيالن وٽ پاڻي جي کوٽ ئي ڪونه آهي. باقي ننڍا آبادگار سورن ۾ آهن. پوءِ سندن زمينون منڍ ۾ هجن يا پڇڙي ۾ هجن. اتي پاڻي ڏيڻو ڪونه آهي. شايد اهو سندن منشور هجي. اهو به مشاهدو اٿئون ته ، انتقامي ڪاررواين جي ڪري به ڪافي زميندارن جي زرعي زمينن تائين نهري پاڻي جي رسائي رد ڪيل آهي. اهي پاڪستان پيپلس پارٽي جا مخالف زميندار يا آبادگار آهن. تن کي سزا ڏيڻ لاءِ ايئن ڪيو وڃي ٿو ته جيئن کين معاشي نقصان پهچي سگهي. آفيسر ته ، ڄاڻايل پارٽي جي چونڊيل نمائندن ۽ جيالن جا ايترا ته فرمانبردار آهن جو ، جيئن کين چيو وڃي ٿو تيئن ئي ڪرڻ لاءِ تيار آهن. پوءِ ڀلي ٻين جو نقصان ٿئي ته مڙئي خير آهي. في الحال انهي آفيسر شاهي کان ڪو به پڇڻ وارو ڪونه ٿو نظر اچي. اها به حقيقت آهي ته آبپاشي کاتي ۾ ڪجهه ايماندار آفيسر به آهن. جيڪي اها ڪوشش ڪندا رهن ٿا ته مڙني آبادگارن کي صحيح ورڇ سان پاڻي ڏيئي سندن زرعي زمينون آباد ڪيون وڃن. اهڙا آفيسر ٿورائي ۾ آهن. جن جي ڳڻپ آساني سان ڪري سگهجي ٿي. پر، انهن کي سنڌ حڪومت نظرانداز ڪريو ڇڏي ۽ ڪنهن سائيڊ سان سندن مقرري ڪئي وڃي ٿي. شاخن جي وارا بندي به جاري و ساري آهن. منهنجي چوڻ جو مطلب ته ، سنڌ ۾ جائزو وٺبو ته ، ڄاڻايل پارٽي سان تعلق رکندڙن جون زمينون آباد آهن. سندن ميوات جا باغ ، ڪمند ، ساريون ۽ وونئڻ وغيره ۾ پاڻي جي قلت ئي ڪونه آهي. پوءِ به سندن رڙيون آهن ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي. جڏهن ته سندن فصلن ۾ پاڻي سڄو سال وهندو رهي ٿو. آئون سمجهان  ٿو ته ، جيڪو نهري پاڻي سنڌ ۾ اچي ٿو تنهن جي ايمانداري سان ورڇ ڪري سڀني آبادگارن جي زمينن تائين حصي جو پاڻي پهچايو وڃي ته ، سنڌ جون ڪافي زمينون آباد ٿي سگهن ٿيون. پوءِ واٽر ڪورسن جي ڀلي وارا بند ڪئي وڃي. باقي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته بااثر ، سمورو پاڻي پنهنجي زمينن لاءِ کنيو وڃن ۽ پوءِ به رڙيون ڪندا وتن ته ، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي. جيڪڏهن ارسا ، سنڌ کي وڌيڪ پاڻي ڏيندو ته به ، ان تي مذڪوره طبقي جي ماڻهن کي فائدو رسندو. ان پاڻي تي سندن ئي قبضو رهندو. اضافي پاڻي اچڻ سان ننڍن آبادگارن ۽ زميندارن کي ڪو به فائدو نه ٿو پهچي سگهي. پوڇڙي ۾ پاڻي جي پهچ ته ناممڪن آهي. سياسي مخالفين جي زمينن تائين به پاڻي ڏيڻ جو سوال ئي ڪونه ٿو پيدا ٿئي. ان پاڻي جا صرف جمهوريت جا عملبردار ۽ ٺيڪيدار ئي مالڪ آهن. ٻئي ڪنهن جو به حق ڪونه آهي. باقي ڪوڙين دعوائن مان ڪو به فائدو ڪونه ٿيندو.

هاڻ اها وقت جي اشد ضرورت آهي ته ، آبادگارن کي سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪرڻ وارن جي خلاف آواز اٿارڻ گهرجي.

پوءِ جو هو ڪيترا به مضبوط ، سگهارا ۽ بااثر هجن. انهن جي خلاف گڏيل جدوجهد ڪرڻ گهرجي. انهن ڀوتارن سنڌ کي سورن ۾ وڌو آهي. انهن کي هر گز معاف نه ڪيو وڃي. تاريخ به کين سٺن لفظن ۾ ياد ڪونه ڪندي. ياد رهي ته اسان هن وقت مذڪوره مطالبو مڃرائڻ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو ته ، اسان جون سو سيڪڙو زرعي زمينون ، ايندڙ وقت ۾ بنجر بنجي وينديون. غير آباد ٿي وينديون. صرف انهن ڀوتارن ، بااثر سياستدانن جون زمينون سر سبز ۽ شاداب ڏسڻ ۾ اينديون. مستقبل ۾ ان خدشي کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. هن وقت پاڻي جي کوٽ سنگين صورتحال اختيار ڪندي پئي وڃي. پوءِ اها هٿرادو کوٽ ڀوتارن ڪئي هجي يا پنجاب ۽ ارسا جي طرفان ڪيل هجي. اهي ٻئي ڌريون وڏو ظلم ڪري رهيون آهن. جن جي سنڌ دشمني انتها تي پهچي چڪي آهي.

ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت کي به ڪجهه سوچڻ گهرجي. هن مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور نموني سان ڪردار نڀائڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن سنڌ سان سچائي اٿن ته پوءِ سنڌ کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي ڏنو وڃي ان مان ڪا به ڪٽوتي نه ڪرڻ گهرجي. ايئن ڪرڻ سان سنڌ جي زراعت ترقي ڪري سگهي ٿي ۽ زرعي پيداوار ۾ اضافو به اچي سگهي ٿو. باقي رڳو ڍل ۽ آبيانو وصول ڪرڻ تي زور نه ڏنو وڃي. اسان جي اها به گهر آهي ته ، جن آبادگارن جي زرعي زمينن کي نهري پاڻي جي فراهمي بند ڪئي ويئي آهي ته انهن کان ڍل يا آبيانو نه ورتو وڃي. انهن کي اهو معاف ڪرڻ گهرجي. خبر ناهي ته بااثر ڍل يا آبيانو به ڏين ٿا يا سندن ، اهو بار به غريب ۽ ننڍن آبادگارن تي هنيو وڃي ٿو. خدا شال انهن جو قبلو درست ڪري. باقي هو، انتهائي ڪرپٽ ۽ بي ايمان آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.