پيٽرول تي ن ليگ حڪومت جي ڀيٽ ۾ اڌ ٽيڪس وٺون پيا: فواد

اسلام آبا د ( م ڊ ) سڌ سما واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اسان پيٽرول تي ن ليگ حڪومت جي مقابلي ۾ اڌ ٽيڪس وٺي رهيا آهيون،  هن بيان ۾ چيو ته ن ليگ حڪومت جي آخري 6 مهينن ۾ پيٽرول تي سراسري ٽيڪس ساڍا 22 رپيا هو،اسان ساڍا 11 رپيا وٺي رهيا آهيون، هن چيو عالمي سطح تي ڪچي تيل جي اگهه ۾ 47 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ جنوري 2021 پيٽرول 106 رپيا ليٽر هو، جيڪو هلندڙ مهيني 118 رپيا 9 پئسا ليٽرٿيو آهي، فواد چوڌري جو وڌيڪ چوڻ هو ته جنوري کان جولاءِ تائين پيٽرول جي اگهه ۾ 11 ڏهائي 3 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، هن جو چوڻ هو ته حڪومت ليوي گهٽائي زيرو تي کڻي آئي آهي، جڏهن ته اها 30 رپيا في لٽر لڳي سگهي پئي، ليوي ڊسمبر 2020 واري سطح تي رکجي ها ته 200 ارب رپيا وڌيڪ حاصل ٿي سگهيا پئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.