شادي ڪرڻ توڙي شريڪ ٿيڻ لاءِ ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ لازمي قرار

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪورونا ايس او پيز جو هڪ نئون حڪم نامون جاري ڪيو آهي، بسن ۾ سفر ڪرڻ ، مال پڙين، هوٽلن ۽ شادي  هالن آئوٽ ڊور تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ  لازمي قرار ڏنو ويو آهي، حڪم نامي موجب مال پڙي ويندڙن کي ويڪسينيشن ڪارڊ ڏيکارڻو پوندو، حڪم موجب مسافر بسن ۽ ريسٽورينٽس ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪورونا ويڪسينيشن جو سرٽيفڪيٽ لازمي هوندو، حڪومت موجب فيصلو عيد الاضحيٰ تي ڪورونا پکڙجڻ جي خدشي سبب ڪيو ويو آهي، نوٽيفيڪشن ۾چيو ويو آهي ته شادي ڪرڻ لاءِ به ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ ضروري قرار ڏنو ويو آهي، عيد جي ڏينهن ۾ تفريحي ماڳن تي وڃڻ لاءِ به سرٽيفڪيٽ جي هئڻ جو شرط رکيو ويو آهي،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.