يورپ ۾ ڪورونا متاثرن جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿيندو: اي سي ڊي سي

برسلز (م ڊ) يورپي يونين جي هڪ انداري جي اندازي مطابق ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ يورپ م ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جي انگ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تيزي سان اضافو  ٿيندو. بيمارين جي ڪنٽرول ۽ بچاءَ جي يورپي کاتي اي سي ڊي سي ٻڌايو آهي ته ايندڙ مهيني جي شروعات تائين نون ڪيسن ۾ 5 ڀيرا وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو جنهن جو سبب ڪورونا وائرس جي تيزي سان ڦهلجندڙ ڊيلٽا قسم ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪورونا ضابطن م نرمي ٻڌائي وئي آهي.

صاف پاڻي ريفرنس: شهباز شريف جي ڌيءَ ۽ ناٺي جي اثاثن جا تفصيل طلب

لاهور(م ڊ)لاهور جي احتساب عدالت مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ پنجاب جي اڳواڻي وڏي وزير شهباز شريف جي ڌيءَ رابعه عمران ۽ ناٺي عمران علي يوسف جي لڳاتار عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ سبب اشتهاري  قرار ڏيڻ بعد ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي عدالتي حڪمن جي پوئواري ۽ جوابدارن جي اثاثن جا تفصيل طلب ڪري ورتا. عدالت صافي پاڻي ضمني ريفرنس جي ڪارروائي 21 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. احتساب عدالت جي ڊيوٽي جج اسد علي، رابعه عمران، عمران علي يوسف ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ قمر اسلام سميت 20 جوابدارن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت نيب جي جاچ آفيسر کي حڪم ڏنو آهي ته ٻنهي جوابدارن رابعه عمران ۽ عمران علي جي جلد کان جلدگرفتاري جي عمل کي يقيني بڻايو وڃي. ان کان اڳ عدالت جوابدارن جي لڳاتار پيش نه ٿيڻ تي اشتهاري قرار ڏئي چڪي آهي. ڇنڇر ڏينهن عدالتي ٻڌڻي تي ريفرنس ڪيس جي شريڪ جوابدار مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي ايم پي اي قمر اسلام سميت ٻيا چار جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ پنهنجي حاضري مڪمل ڪرائي. ڄاڻايل ريفرنس ۾ ٻين جوابدارن ۾ وسيم اجمل، مسعود اختر، وارث علي، خالد نديم بخاري، اظهر الدين  ۽ سليم  اختر شامل آهن. نيب طرفان داخل ڪيل صاف ڪمپني ڪرپشن ريفرنس ۾ شهباز شريف جي ڌيءَ ۽ ناٺي تي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي.

پاڪستان صحيح راهه تي گامزن آهي : عبدالرزاق دائود

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪاري بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو آهي ته پاڪستان صحيح راهه تي گامزن آهي ۽ ”ميڪ ان پاڪستان“ اسان جي  توجهه جو مرڪز آهي. صنعتي سرگرمين کي هٿي وٺائڻ لاءِ واپار واري وزارت ڪچي مال ۽ ٻين شين جي 4000 ٽيرف لائنن تي ڪسٽمز ڊيوٽي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي جيڪو سڀني ٽيرف لائينن جو 54 سيڪڙو ٺهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن سيالڪوٽ جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سيالڪوٽ ۾ چيمبر ۾ واپارين کي خطاب ڪندي هن روانگي واپار ڪندڙن جي اندرين ۽ ٻاهرين مشڪلاتن باوجود روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو. هن پنهنجي ازبڪستان جي تازي دوري بابت آگاهه ڪندي اتي جي مارڪيٽ تي به توجهه ڏيڻ جي ترغيب ڏني ۽ ٻڌايو ته ڪامرس وزارت جي سلڪ روٽ ري ڪنيڪٽ پاليسي تحت هڪ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تي صحيحي ٿي چڪي آهي جڏهن ته تمام جلد شرط ۽ ضابطه به طئي ٿي ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.