ڪراچي: ڪنري ۾ ڀيڻ جي لڄ بچائيندي قتل ٿيل نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ڪنري ۾ ڀيڻ جي لڄ بچائيندي قتل ٿيل ڀيرو ڪولهي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پاڪستان ڪولهي اتحاد پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي ڪولهي اتحاد جي اڳواڻن ڀارمل ڪولهي، منوهر لال ڪولهي،  ديو دت ڪولهي،               انيل ڪمار راٺوڙ ، ديوراج راٺوڙ ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته احتجاج باوجود ڀيرو مل ڪولهي جا جوابدار گرفتار نه ويا آهن جڏهن ته اتان جي پوليس به جوابدارن سان ٻٽ آهي ۽ چونڊيل نمائندا به انهن کي بچائڻ لاءِ سرگرم آهن ، هنن وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي ، ڊي آءِ جي سميت اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ڀيرو ڪولهي جي قاتلن کي گرفتار ڪري عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي ٻي صور ت۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.