سُرڪي جي مدد سان چهري کي چمڪايو

انسان جي خوبصورتي ان جي سڃاڻپ آهي، سڀ ڪنهن جي خواهش هوندي آهي ته هو سڀني کان وڌيڪ خوبصورت ڏسڻ ۾ اچي ان سان گڏ سڀ ڪنهن جي اها به خواهش هوندي آهي انهن کي زندگي جا ساٿي ۽ دوست به خوبصورت ملن.

خوبصورتي هڪ حساب سان خدا جو تحفو آهي پر ڪجهه ماڻهو سخت گرمي ۾ گهڻو وقت گذارڻ، گدلاڻ، آلودگي ۽ پنهنجي چهري جي سٺي نموني سار سنڀال نه ڪرڻ سان پنهنجي خوبصورتي وڃائي ويهندا آهن.

اهڙي ماڻهن جي لاءِ هتي اهڙو نسخو موجود آهي جنهن سان نه رڳو اهي پنهنجي سانوري رنگ مان جند ڇڏائي سگهن ٿا پر پنهنجي چهري کي شيشي جهڙو چمڪائي به سگهن ٿا.

هفتي ۾ ٻه کان ٽي ڀيرا هي عمل آزمايو ۽ پنهنجي چهري تي فرق پاڻ ڏسو.

شيون: ڏهي ۽ سرڪو

طريقو:

ٿوري مقدار جي ڏهي ۾ چار قطرا سرڪي جا وجهي ان کي درست نموني ملائي چهري تي لڳايو.

اهڙو عمل هفتي ۾ ٻه کان ٽي ڀيرا دهرائڻ سان توهان جو چهرو شيشي جهڙو چمڪندو ۽ توهان اڳ کان وڌيڪ خوبصورت نظر ايندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.