موبائل بند رکي به واٽس ايپ هلائي سگهجي ٿي

سان فرانسسڪو(ويب ڊيسڪ) واٽس اپ وڏي عرصي کان واهپيدارن جي مطالبن کي پوري ڪندي هاڻي آف لائن واٽس ايپ تي سوچڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڪجهه ذريعن موجب ته اندروني طور تي ان جي آزمائش به جاري آهي.

في الحال ته واٽس ايپ فون سان ڳنڍيل هوندو آهي ۽ ان جي ڪري ئي ڊيسڪ ٽاپ ورجن به ڪم ڪندو آهي، مطلب ته فون جي بند هجڻ يا انٽرنيٽ جي بند سبب ڊيسڪ ٽاپ وارو وزجن به بند ٿي ويندو آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: واٽس ايپ فون ڪالز ۾ وڏي تبديلي آڻي ڇڏي

پر هاڻي واٽس ايپ ڪمپني هڪ وڏي مقصد واري ڳالهه ڪئي آهي ته موبائل جي بيٽري بند ٿيڻ بعد به واٽس ايپ کي استعمال ڪري سگهجي ٿو.

ڪمپني جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هاڻي موبائل، پي سي، ليپ ٽاپ ۽ ٽيب ليٽ تي هڪ ئي وقت واٽس ايپ هلائي سگهجي ٿي، پر اهو ته طئي آهي ته ان کي آزمائڻ لاءِ واٽس ايپ جو بيٽا ورجن رڳو ڪجهه ماڻهن کي ئي فراهم ڪيو ويندو جيڪو استعمال کانپوءِ ان تي روشني وجهندو ۽ اهڙن تجربن جي روشني ۾ آپشن کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.