لاکا ۾ ايس يو پي جي سڏ تي هڪ ڪلو ميٽر پيادل مارچ

مانجهند (ن ع آ) مانجهند ڀرسان لاکا شھر ۾  ايس يو پي طرفان سيد زين شاهه سان اظھار يڪجهتي قومي ڪارڪنن جي آزادي ۽ بحريا ٽائون جي والار خلاف  هڪ ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪندي شاهي بازار تائين  ريلي ڪڍي  مک چوڪ تي هڪ ڪلاڪ نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي ۾  جسقم ايس ٽي پي ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن علي نواز ڪنڀر نياز محمد کوسو لطيف پنهنور ،مير حسن سومرو اصغر ميمڻ شفيق خاصخيلي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت بحريا ٽائون انتظاميا جي غير قانوني والار خلاف پرامن احتجاج تي پ پ سرڪار اڳواڻن ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي ڇڌيا آھن، جن کي فوري طور آزاد نه ڪيو ويو ته جدجهد جاري رهندي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪندڙ ھر سازش کي ناڪام ڪبو  سيد زين شاه گرفتاري پيش ڪري هر خوف کي ختم ڪري ڇڏيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.