حيدرآباد ۾ موٽرسائيڪل سوار کي ٽرڪ چيڀاٽي ڇڏيو

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ سوزوڪي سان ٽڪرائجڻ کانپوءِ روڊ تي ڪريل موٽرسائيڪل سوار کي ٽرڪ چيڀاٽي ماري ڇڏيو، ھٽڙي ٿاڻي جي حد اسرا يونيورسٽي ويجھو تيز رفتار موٽر سائيڪل اڳيان ھلندڙ سوزوڪي سان ٽڪرائجي وئي جنھن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 45 سالن جو زاھد پٽ نور محمد ميمڻ روڊ تي ڪري پيو ان دوران پٺيان ايندڙ ٽرڪ مٿس چڙھي وئي جنھن سبب زاھد ميمڻ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، حادثي جي اطلاع تي پوليس پھچي لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو جتان بعد ۾ پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس موجب حادثي جو شڪار ٿيل موٽرسائيڪل سوار زاھد ميمڻ کاھي روڊ واري علائقي جو رھواسي ھو، حادثي وقت ڊرائيور فرار ٿي ويو جڏھن ته ٽرڪ تحويل ۾ ورتي وئي آھي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.