ڊگهڙي ڀرسان نوجوان زهر پي ڇڏيو

ڊگهڙي(ت ر)ڊگهڙي ڀرسان بدين ضلعي جي ڳوٺ حاجي پريو ڪلوئي جي رهواسي چوڏنهن ورهين جي نوجوان هيمنداس ولد جيٺو ڪولهي والدين کان ناراض ٿي زرعي زهريلي دوا پي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهنکي سندس وارث فوري طور تي تعلقي اسپتال ڊگهڙي کڻائي پهتا جتي ڊاڪٽرن کيس طبي امداد فراهم ڪري سندس حياتي بچائي ورتي.

ميهڙ لڳ نينگر اغوا، جنسي ڏاڍائي ڪيس، عبدالرحمان تيوڻو گرفتار

ميھڙ  ( ن ع آ ) ميھڙ 3 ڏينھن اڳ جوابدارن پاران 11سالن جي نينگري فوزيه کي اغوا بعد جنسي ڏاڍائي جو نشانو بنائڻ واري يس م ميھڙ پوليس اھم  اڳڀرائي ڪئي آھي ايس ايڇ او ميھڙ نور مصطفي پٺاڻ ڳجھي اطلاع تي ڇاپو ھڻي  ڪيس جو مک جوابدار  عبدالرحمان تيوڻو کي گرفتار ڪري ورتو آهي ھوڏانھن پوليس ذريعن موجب متاثره  ٻارڙي جو طبي معائنو ڪندڙ ليڊي ڊاڪٽر پاران ابتدائي رپورٽ ۾ پڻ ٻارڙي سان ڏاڍائي جي تصديق ڪئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.