نئون ديرو جي پرڻيل عورتن پاران آپگهات ڪوشش، لاڙڪاڻي منتقل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) نئون ديرو ويجهو ڳوٺ سعدوديرو ۾ مبينا طور ساهرن جي ظلم ۽ ناجائزين کان تنگ اچي ٻن شادي شده عورتن شائسته ۽ زينت ابڙو گهر اندر زهر کائي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جن کي سندن وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ٻنهي عورتن کي طبي امداد ڏئي هوش ۾ آندو ويو. ان موقعي تي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ عورتن جي وارثن ٻڌايو ته اسان جي عورتن ساهرن ناراض ٿي زهر کائي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جن کي بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال داخل ڪرايو آهي. هوڏانهن ضروري علاج فراهم ڪرڻ بعد ٻنهي عورتن کي گهر روانو ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.