سڪرنڊ شگرمل مان برطرف مزدورن جو احتجاج

قاضي احمد (رپورٽ: مومن جوڻو)  سڪرنڊ شگرمل قاضي احمد جي عتاب جو نشانو بڻيل برطرف ٿيل مزدورن پريس ڪلب قاضي احمد پھچي شگرمل انتطاميان خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي شگرمل جي ورڪمين يونين اڳواڻن صدر حاجي الياس مري، س نائب صدر غلام قادر ڪيريو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري معشوق چانڊيو، پريس سيڪريٽري غلام حيدر انڙ، خزانچي محمد جمن ڏاهري ۽ عبدالحڪيم کوسو جي اڳواڻي احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سڪرنڊ شگرمل انتطاميا بلاجواز 22 کان مٿي بلاجواز بغير ڪنهن نوٽيس جي ٽي سال برطرف ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري اسان جا ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن هئ ستين عيد آھي اسان عيد ناهي ڪئي  هنن وڌيڪ چيو ته هڪ ته اسان ريگيولر ملازم رهيا آهيون ٻيو وري اسان پيپلزپارٽي جا ووٽر آهيون، مگر ان باوجود آصف علي زرداري ء بلاول ڀٽو زرداري جي شگرملن مان برطرف ڪري بيروزگار ڪيو ويو آهي ء اسان مختلف فورمن تي ان ناانصافي خلاف آواز اٿاريندا رهيا آهيون مگر ڪير به اسان جي داد رسي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، آخر اسان ڪنھن کي دانهن ڏيون. ان موقعي تي هنن آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعليٰ سنڌ، ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان کي نوڪرين تي بحال ڪيو وڃي ٻي صورت م اسان ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڌرڻو ھڻنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.