پ پ پ دوڙ طرفان ٻانڌي جي نئين منتخب باڊي کي آجياڻو

دوڙ (ن ع آ ) پ پ پ دوڙ طرفان ٻانڌي جي نئين منتخب باڊي کي آجياڻو، ضلعي صدر سميت ڪيترن ئي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي شرڪت. پ پ پ جون پاڙون عوام ۾ کتل آهن عوام کي هن ئي پارٽي مان رليف ملندو آهي پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪارڪنن کي اڃا وڌيڪ محنت ڪرڻ گهرجي ضلعي صدر علي اڪبر جمالي جو تقريب کي خطاب. تفصيل موجب :پ پ پ سٽي دوڙ جي صدر ظفر علي زرداري ،حاجي محمد عرس لاشاري، علي غلام مري ۽ ٻين طرفان ٻانڌي جي منتخب باڊي مير غلام مصطفي ڏاھري، شڪيل احمد قريشي ۽ ٻين عهديدارن جي مان ۾ سٽي آفيس دوڙ ۾ آجيان پارٽي جي تقريب منعقد ڪئي وئي.

خيرپور ۾ عدالتي حڪم نه مڃڻ تي پوليس عملدارن کي شوڪاز نوٽيس جاري

خيرپور (ڊر)  خيرپور جي سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت، عدالتي حڪمن جي تعميلات نه ڪرڻ تي ايس ايس پي خيرپور کي ليٽر جاري ڪندي شهيد مرتضيٰ ميراڻي ٿاڻي ۽ فيض محمد ناريجو ٿاڻي جي ڇهن مختلف پوليس مقابلا ۽ ناجائز اسلحي رکڻ جي الزامن هيٺ داخل ٿيل ڪيسن جي جاچ عملدار انسپيڪٽر ذوالفقار علي قريشي ۽ فيض محمد ناريجو ٿاڻي جي اي ايس آءِ نذير احمد ڄامڙو خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.ٻئي پاسي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج الطاف حسين دايو جي عدالت پڻ عدالتي حڪمن جي تعميلات نه ڪرڻ تي ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي ٿاڻيدار خلاف توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي کيس عدالت ۾ طلب ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.