ڀرياروڊ لڳ نشو واپرائڻ سبب پر اسرار نموني نوجوان فوت

ڀرياسٽي ( ن ع آ ) ڀرياروڊ ۾  ٽيلفيون ايڪسچينج  جي سامهون  ڪچري  جي ڍير تان هڪ پراسرا نموني  طور فوت  ٿيل  30  ورهين  جي نوجوان لاش  شهرين  ڏسي  ڀريا پوليس  کي  اطلاع  ڪيو،  جتي سندس سڃاڻپ  ڀريا جي ريتي پاڙي  وارڊ  نمبر  8 جي رهواسي  فدا حسين   عرف بم نوناري  طور ٿي وئي، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي، لاش ڀريا سٽي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾  فوتي نوجوان فداحسين نوناري جي ڀاءُ  صدام حسين نوناري ۽  ٻين  ميدِيا کي  ٻڌايو  ته نوجوان فداحسين  عرف بم نوناري  هيروئين  جو نشو واپرائيندو هو  ٿي سگهي  ته  نشي   واري سئي هڻڻ جي دوران  فوت  ٿيو آهي،  فوت ٿيڻ دوران  کيس ڪلهي ۾  هيروئين جي سئي لڳل هئي، نوجوان غير شادي شده هيو، پوليس موجب نوجوان جو موت هيروئن جي نشي وارين  شين جي سبب ٿيو آهي، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي، نشي واريون  سيون  هڻندي  8 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.