نوجوان جا قاتل گرفتار ڪريو، سکر ۾ وارثن جو مظاهرو

سکر(رپورٽر) سکر ۾ 3 مھينا اڳ قتل ٿي ويل ملٽري روڊ واري علائقي نوجوان سجاد جمال جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سندس وارث عورتن پاران سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاھرين عورتن کي ھٿ  ۾ بينر، پلي ڪارڊ کنيل ھنا. مظاھرين پوليس ۽ جوابدارن خلاف سخت نعريبازي ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ عورتن ٻڌايو ته سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿي نوجوان سجاد جمالي جي قاتلن کي 3 مھينا گذرڻ باوجود پوليس اڃان تائين گرفتار ناھي ڪري سگھي. جوابدار ڌر ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ھنن مطالبو ڪيو ته جوابدار. کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.