قمبر لڳ بااثر جو حملو، پورهيت زخمي،لاڙڪاڻي ۾ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ قمبر تعلقي جي ڳوٺ گهوگهاري جي رهواسي بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف حملي ۾ زخمي ٿيل همراهه کي ايمبولينس ۾ کڻائي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي محمد صالح مڱڻ پنهنجي وارثن سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته سئوٽ سالار مڱڻ جي 6 جريب زرعي زمين ڳوٺ ڀرسان آهي جنهن تي اسين مختلف فصل ڪري پيٽ گذر ڪندا آهيون اڄ صبح جي وقت آءُ زرعي زمينن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ويو هيس. هن الزام لڳايو ته پاڻي ڏيڻ دوران ڳوٺ جي بااثرن علي بخش مغيري، محمد علي مغيري، عرس مغيري، منظور مغيري ۽ ٻين ڏنڊن ۽ هٿيارن سان حملو ڪري منهنجي سئوٽ محمد سالار مڱڻ ان جي هاري سليم گلو ۽ ٻين کي تشدد جو نشانو بڻائي سخت زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، ڊي آءِ جي مامري جو نوٽيس وٺي انصاف ڏياري

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.