ڪنب جي صحافي پيءُ ۽ پُٽ جو خيرپور پوليس خلاف احتجاج

راڻي پور(رپورٽ: عامر مهيسر) ڪنب جي ڳوٺ حاجي شاھنواز سولنگي جي رھواسي صحافي عاشق حسين ۽ نويد احمد سولنگي جو خيرپور ۽ ون فائيو پوليس جي تشدد خلاف برادري جي ماڻهن سان گڏ انٽرنيشنل پريس ڪلب راڻيپور اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي متاثر صحافين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته اسان جي 14 جولاءِ تي سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ حاضري ھئي جيئن ئي ڪورٽ کان ٻاھر نڪتاسين ته ھڪ پوليس موبائل بيٺي ھئي جنهن تي خيرپور لکيل ھيو ۽ ٻه 125 موٽرسائيڪليون جنهن تي ون فائيو پوليس جا سپاھي ويٺل ھئا جن اسان کي زبردستي موبائل ۾ وجهي شاھ حسين باء پاس طرف کنڻي ھليا جتي ھنن اسان مٿان ذھني ٽارچر ڪيو ۽ 5 لک روپيا وٺڻ جي گهر ڪئي ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ اھو پڻ چيو ته ايس ايس پي صاحب جو حڪم آھي ته انهن ٻنهي ڄڻن کي فل فرائي يا ھاف فرائي ڪري ڇڏيو. ھنن وڌيڪ چيو ته شاھ حسين باء پاس کان پوء ٽنڊومستي پوليس موبائل گهرائي لاڙڪاڻو باء پاس تي چودري اصغر جي بنگلي تي کنڻي ھليا جتي ھنن اسان جي ڀاءُ سبحان سان رابطو ڪري ان کي اتي گهرائي 2 لک روپيا ورتا جنهن کانپوء اسانکي آزاد ڪيو ويو ۽ اھو پڻ چيو ويو ته ڪنهن کي به ڪجھ نه ٻڌائجو نه ته ٻنهي کي روھڙي ڪينال جي طرف فل فرائي ڪري ڇڏينداسين اسان جي اعليٰ اختيارين وزير اعليٰ سنڌ، آء جي سنڌ، ڊي آء جي سکر ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال کي اپيل آھي ته خيرپور پوليس جي گنڊا گردي جو نوٽيس وٺي اسان سان ٿيل ظلم جو ازالو ڪري ڦريل رقم واپس ڪرائي ڏني وڃي ۽ ملوث پوليس عملدارن کي پڪڙي قانون جي گرفت ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.