گهوٽڪي پوليس چوري الزام هڻي ٻن ٻارڙن کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي  اي سيڪشن ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ چوري جي الزام ۾ ٻارڙا واڙيل ، گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس شهر مان ٻن معصوم نينگرن کي چوري جي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو، گرفتار نينگرن جو چوڻ هو ته پوليس اسان کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي کڻي آئي آهي ۽ چئي رهي آهي ته اوهان شهر مان چوري ڪئي آهي، اسان ڪابه چوري ناهي ڪئي، گهر ٻاهران بيٺل هئاسين ته ايگل وارن چور چئي پڪڙي ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو آهي، اسان چور ناهيون، گرفتار ڪيلن ۾ 7 سالن جو صمد الله ميراڻي ۽ 8 سالن جو عمل باگڙي شامل آهن.نينگرن ٻڌايو ته اسان ڪا به چوري ناهي ڪئي، هوڏانهن صحافين ٿاڻي تي فون ڪئي ته  ڪنهن به اهلڪار فون اٽينڊ نه ڪيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.