فقير محمد لاشاري: جرئتمند صحافي

تحرير: محمد سليمان وساڻ

اڄوڪو ڏينهن 17 جولاءِ تي سنڌ جي هڪ بيباڪ ۽ جرئتمند صحافي فقير محمد لاشاري اسان کان وڇڙي ويو انيڪ صحافي نظر ايندا جن پنهنجي لکڻين ۽ قلم زريعي قوم جي ضمير کي جنجهوڙيو ۽ غفلت جي ننڊ مان اٿاريو آهي. اهڙين شخصيتن مان هڪ بيباڪ، جرئتمند ۽ بهادر صحافي فقير محمد لاشاري به هو. فقير محمد لاشاري جي لکڻين سچ ته صحافت کي نوان موڙ ۽ نيون راهون ڏنيون. فقير محمد لاشاريءَ سچ ته پنهنجي قلم ذريعي صحافت کي جيئدان ڏئي ويو.

فقير محمد لاشاري جي والد جو نالو محمد حسن لاشاري هو. هو 4 سيپٽمبر 1951 تي لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي وارهه جي قديم ڳوٺ گاجي کهاوڙ ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان ۽ مئٽرڪ وارهه هاءِ اسڪول مان 1968 ۾ پاس ڪيائين. هو ڳوٺ جو واحد ماڻهو هو جيڪو 1968 ۾ به انگريزي اخبار گهرائي پڙهندو هو. گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1972ع ۾ بي اي پاس ڪري سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي اڪانامڪس 1974ع ۾ ۽ لاڙڪاڻي مان 1979ع ۾ ايل ايل بي پاس ڪيائين. شروعات ۾ هو استاد ٿيو پر سياست ۾ گهري دلچسپي هجڻ ڪري مدلل بحث ڪندو هو. ڪجهه وقت هن اخبارن لاءِ وارهه مان رپورٽنگ به ڪئي پوءِ  اتان ئي صحافي لڏي ۾ لاڳاپا شروع ٿيس. شروع ۾ هن سياست ڏانهن لاڙو ڪيو ۽ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ سان گڏجي ڪم ڪيائين.

هن اخبارن ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيا ۽ ماڻهن سندس لکڻين کي گهڻي موت ڏني. سندس قلم ۾ هڪ لوچ ۽ سوچ سمايل هئي جيڪا پڙهندڙ کي جلد متاثر ڪندي هئي. 1972 ۾ ڪراچي اچڻ کانپوءِ  هن سنڌي ادبي سنگت ڪراچي سان به پاڻ ملهايو ۽ 7 سال سنگت سان گڏ رهيو ۽ ان سان گڏ لاشاري صاحب مختلف مضمون، ڪهاڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکڻ شروع ڪيون. ان وچ ۾ هن جا مضمون ۽ لکڻيون گهڻو مشهور ٿي چڪيون هيون ۽ هاڻي هو ف م لاشاري طور مشهوري ماڻي چڪو هو. فقير محمد لاشاري پنهنجي صحافتي سرگرمين جي شروعات هڪ اردو اخبار جي رپورٽنگ سان ڪئي، ان کانپوءِ  ڪيترن ئي اخبارن، رسالن جو ايڊيٽر، نيوز ايڊيٽر رهيو.

سندس لکيل ايڊيٽوريل سنڌي صحافت جي جان بڻجي ويا اهڙا ته ايڊيٽوريل لکندو رهيو جو اڪثر ماڻهو صرف ايڊيٽوريل پڙهڻ لاءِ ئي اخبار خريد ڪندا هئا.هن ادب ۾ 800 کان وڌيڪ مضمون لکڻ جو اعزاز حاصل ڪيو، ادب ۾ سال 1985ع ۾ ”سگهارو هماليه ۽ هيڻا ماڻهو“، ”ڌرتي جي دانهن“ 1988ع، ”سنڌ جا سور“ 1988ع، ۽ ”سنڌ پيپلز پارٽي کان ڄام صادق تائين“ 1993ع جهڙا معلوماتي ڪتاب شايع ڪيا، ف م لاشاري جي ادب جو تجزيو ڪبو ته سندس مضمون ۽ تقرير ۾ فلسفو گهڻو هوندو. هيٺئين ڪلاس جي حالتن کي دنيا جي انقلابن ۽ فلسفن ساڻ ملائيندو، ٻڌائيندو هو. تنهن ڪري عام پڙهندڙ شروع شروع ۾ سندس مضمون آساني سان نه سمجهي سگهندو هو. پر لاشاري ان کي محسوس ڪيو ۽ پوءِ  عام حوالا ۽ تشبيهون ڏيندو هو.

هن ڪهاڻيون به لکيون. انکانسواءِ هو هڪ بهترين نقاد پڻ هو.صحافت ۾ رهندي هن جو قلم نه ڪڏهن رڪيو ۽ نه ڪڏهن هو پاڻ به ڪنهن طاقت اڳيان جهڪيو. کيس خريدڻ جي گهڻي ڪوشش ٿي، هن کي ڌمڪايو ويو ، لالچايو ويو پر سندس قلم آزاد رهيو. هن صحافت کي جديد لاڙا ڏنا ۽ سچ جو ساٿاري رهيو، صداقت جو پيغام بهادري سان ڏيندو رهيو..

هن بحيثيت صحافي نيپال، برطانيه، آمريڪا جا پڻ سفر ڪيا ۽ انهن پرڏيهي سفرن تي هن ڪتاب پڻ لکيا. فقير محمد لاشاريءَ  جا 9 ڪتاب لکيل آهن.

محترمه بينظير ڀٽو جي لانگ مارچ جي سڏ ۾ سڏ ملائيندي ف م لاشاري ، ڊاڪٽر اسماعيل اوٺيجو، جڳديش ملاڻي ۽ غلام قادر پليجو سان گڏ 17 جولاءِ 1993ع تي لاهور کان اسلام آباد ويندي پنجاب صوبي جي شهر گوجر خان وٽ گاڏي سان حادثي جو شڪار ٿيا جنهن ۾ اسماعيل اڍيجو ۽ ف م لاشاري موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته جڳديش ملاڻي ۽ غلام قادر پليجو زخمي ٿي پيا (جڳديش ملاڻي به ڪجهه ڏينهن کانپوءِ  وفات ڪري ويو). کيس اباڻي ڳوٺ گاجي کهاوڙ ۾ دفن ڪيو ويو. سندس صحافتي ميدان ۾ ڪيل خدمتن عيوض 1995ع ۾ حڪومت پاڪستان پاران ستاره امتياز ڏنو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.