عمران خان ۽ اشرف غني وچ ۾ ملاقات، افغان صورتحال تي گروپ جوڙڻ تي غور

تاشقنڌ (م ڊ) وزير اعظم عمران خان ۽ افغان صدر اشرف غني وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾  پاڪ-افغان ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،ملاقات ۾ افغانستان جي تازي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان کان اڳ وزير اعظم ۽ ازبڪ صدر وچ ۾ ملاقات دوران افغانستان ۾ امن جي بحالي لاءِ نئون گروپ جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو، بلاڪ ۾ پاڪستان، ازبڪستان، تاجڪستان، ايران ۽ ترڪي شامل هوندا.

امجد سراج ميمڻ جي وائيس چانسلر طور مقرري رد

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي  جو وائيس چانسلر مقرر ٿيڻ خلاف درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو،  جسٽس شفيع صديقي ۽ جسٽس آغا فيصل تي مشتمل بئنچ وائس چانسلر ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو،  عدالتي حڪم موجب امجد سراج ميمڻ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن سول سوٽ جي فيصلي تائين معطل رهندو،  هاءِ ڪورٽ سنگل بينچ طرفان امجد سراج ميمڻ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ بدران نوٽيس جاري ڪيا هئا، عدالت هڪ رڪني بينچ جو فيصلو به رد ڪري ڇڏيو. سنگل بينچ امجد سراج ميمڻ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن معطل نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي هئي، واضح رهي ته امجد سراج ميمڻ جي مقرري ميرٽ جي ابتڙ ڪوٺيندي مقرري واري نوٽيفڪيشن کي چئلينج ڪيو ويو هو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.