اليڪشن ڪميشن گنڊاپور کي آزاد ڪشمير خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

مظفر آباد(ويب ڊيسڪ)آزاد ڪشمير اليڪشن ڪميشن وفاقي وزير علي امين گنڊاپور کي آزاد ڪشمير جي حدن مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. آزاد ڪشمير اليڪشن ڪيمشن طرفان چيف سيڪريٽري کي خط لکيو ويو آهي جنهن موجب علي امين گنڊا پور جي جلسن جلوسن ۾ تقريرن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي وزير جي آزاد ڪشمير ۾ تقريرن سان امن جي صورتحال ۾ خلل پوي ٿو. آزاد ڪشمير اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ضابطا اخلاق جي خلاف ورزين تي پي ٽي آءِ جي اميدوارن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي. اليڪشن ڪميشن چيف سيڪريٽري کي حڪم ڏنو آهي ته هدايتن تي فوري طور عمل ڪندي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن علي امين گنڊاپور جي قافلي تي پٿراءُ ڪيو ويو هو ۽ انڊا به اڇلايا ويا هئا. واقعي کانپوءِ پوليس پاران چئن جوابدارن کي گرفتار ڪندي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته حملي ۾ ملوث وڌيڪ 10 ڄڻن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن کين جلد گرفتار ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.