”سرڪلر ريلوي لاءِ 6 ارب رپين جو حصو ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبائي حڪومت ڪراچي سرڪلر ريلوي لاءِ پنهنجو 6 ارب رپين جو حصو ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ نالن جي صفائي، حددخلين جي خاتمي، ڊزاسٽر مينجمنٽ پلان، ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي ۾ اڳڀرائي ۽ بي آر ٽي تي بريفنگ ڏني وئي.

ڪراچي جي ڪمشنر ٻڌايو ته محمود آباد نالو، گجر نالو ۽ اورنگي نالو وڏي حد تائين ڪليئر ڪيو ويو آهي.

متاثرن کي 82 ڪروڙ 33 لک رپين کان وڌيڪ معاوضو ادا ڪيو ويو آهي.

ايف ڊبليو او ٻڌايو ته سي آر رورٽ تي موجود انڊر پاس ۽ فلائي اوور بڻائڻ جي اسٽڊي ڪري ورتي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.