زين شاهه سميت اڳواڻن جي گرفتارين خلاف مانجهند ۾ايس يو پي جو احتجاج

مانجهند (ن ع آ) آمري ڀرسان ڳوٺ وڏا ڇڇر ۾ ايس يو پي طرفان سيد زين شاه سان اظھار يڪجهتي قومي ڪارڪنن جي آزادي ۽ بحريا ٽائون جي والار خلاف ڪارڪنن شاهي بازار مان ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ريلي ۾ جسم رياض گروپ ايس ٽي پي جسقم ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي ڪئي ان موقعي تي ضلع صدر درياء خان لغاري ، امام الدين ڇڇر، لطيف پهنور ،مولا بخش ڇڇر ،سڪندر ڇڇر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت بحريا ٽائون انتظاميا زمينن تي زبردستي قبضا ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جنهن خلاف احتجاج ڪرڻ تي پ پ سرڪار هزارين ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سوين بي گناه ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آھي ڪيسن جي خوف کي ختم ڪرڻ لا ء سيد زين شاه پاڻمرادو گرفتاري پيش ڪئي جنهن تي کيس خراج پيش ڪيون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.