ڪلاشنڪوف ڪلچر ختم ڪري قلم کي هٿي ڏيو: درياخان جتوئي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ آل جتوئي ويلفيئر ايسوسيئيشن پاڪستان جي چيئرمين دولھ دريا خان جتوئي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ڪلاشنڪوف ڪلچر ختم ڪري قلم کي فروغ ڏيون جيئن ملڪ ۾ امن ۽ ڀائيچاري واري فضا قائم ۽ دائم رهي ان لاءِ پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين آل جتوئي ويلفيئر ايسوسيئيشن پاڪستان ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته علم جي روشني سان هر ٻار کي منور ڪجي ۽ انڌيري مان ڪڍي علم، عقل ۽ شعور جي دنيا ۾ هر ٻار کي پهچايو وڃي، ان دور ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ گهڻي ڀاڱي پاڻ کي ڪڌن عملن کان بچائي هٿيار کي خير آباد چئي قلم کڻي نڪتا آهيون ته اسان کي وري هٿ وٺي ساڳي دوران ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي جنهن سبب اسان جي هر شيء داءُ تي لڳي چڪي آهي. اسان جي صدر، وزيراعظم، چيف آف آرمي اسٽاف، سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ سميت ٻين وس وارن کي اپيل آهي ته ڪجھ ڏينهن اڳ پنوعاقل ۾ جتوئي ۽ جاگيراڻي تڪرار کي ختم ڪرائي ملوث ماڻهن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، نوشهروفيروز جي ڳوٺ نيو جتوئي ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي ملڪيت تي ڪيل حملي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائي ملوث ڏوهارين کي سزا ڏني وڃي، ان موقعي تي مرڪزي صدر حاجي عبدالواحد جتوئي، زوهيب خان، خالد حسين، ممتاز علي، عرفان خان جتوئي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.