اڏيرو لعل شهر ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني، ڦرون، چوريون روز جو معمول

اڏيرو لعل ( ن ع آ ) اڏيرولعل شهر ۽ ان جي ڀرپاسي بد امني چوٽ چڙهيل عيد ايندي ئي چورين ۽ ڦرن جو وارداتون وڌڻ لڳيون. اڏيرولعل وايا ٽنڊوآدم  روڊ تي آخوند پيٽرول پمپ جي ملازم عزيز کوسو ۽ غلام نبي بڙدي کان 350000 ٽي لک پنجاھ هزار ۽ سپر موٽر سائيڪل ماڊل 2021 ڦر ڪري فرار ٿي ويا.ساڳئي ڏينهن رات جو  نامعلوم ڦورن پاران بارش پوڻ محل اڏيرولعل شهر اندر ڄاموٽ محله مان ڪرائي تي ورتل گهر جي  در اڳيان بيٺل رميزکدري جي موٽرسائيڪل ماڊل 2017 CD  چوري ڪري ويا برسات بند ٿيڻ بعد مالڪ گهرکان ٻاهر ڏسي ته گاڏي گم مالڪ طرفان تالو به سٺو لڳل هو، پر تالي سميت چور گاڏي کڻي ويا، ان موقعي تي اڏيرولعل جي شهرين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته هتي چورين جون وارداتون روز به روز وڌنديون پيون وڃن اسان اعلاه آفيسرن کي پرزور اپيل ٿا ڪريون ته اڏيرولعل ۾ چورين جي وارداتن تي ڪنٽرول ڪرائي اسان جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرائي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ امن کي بحال ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.