پشاور بعد ڪوئٽا جي ريڊزون ۾ طالبان جي حمايت ۾ ريلي

ڪوئٽا( م ڊ) پشاور بعد ڪوئٽا جي ريڊزون ۾ طالبان جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي وئي آهي، جنهن تي سوال اٿي رهيا آهن. هڪ وڊيو ۾ ڏسجي  ٿو ته موٽر سائيڪل سوارن طالبان جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي ۽ طالبان جي حق ۾ ريلي ڪڍي. ميڊيا موجب علائقو سيڪريٽريٽ چوڪ جو آهي. هوڏانهن ان معاملي تي سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ سماجي اڳواڻ جليله حيدر چيو آهي ته طالبان صوبائي حڪومت کي ٻڌائڻ آيا هئا ته جيڪڏهن ڪجهه نه ڪندو ته اسان به آهيون . هڪ صارف آصف خان چيو ته طالبان ڀڳل چيلهه سان حملو ڪيو، اسان دشمن جي ٻچن کي پڙهائڻ سان گڏ کين تفريح جو موقعو به ڏنو سوشل ميڊيا واهپيدارن چيو ته موٽر سائيڪلن تي ريلي، حڪومت ڪاٿي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.