رپورٽون پيش نه پيون ٿين، اها آهي نيب جي ڪارڪردگي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب جي جاچ خلاف داخل ڪيل درخواستن تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي  جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ٻه ٻه مهينن جي مهلت باوجود رپورٽون پيش نه ٿيون ڪيون وڃن، اها آهي نيب جي ڪارڪردگي؟ اڄ جي دور ۾ واٽس ايپ سان ئي معلومات حاصل ڪئي وڃي ٿي، نيب جي ڪري ڪيسن ۾ دير ٿي رهي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس فهيم احمد صديقي تي مشتمل ٻه رڪني بينچ نيب جي تحقيقات بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران عدالت نيب اختيارين پاران وارنٽ گرفتاري جي حوالي سان رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ٻڌڻي دوران جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته اڄ جي دور ۾ واٽس ايپ تان ئي معلومات حاصل ڪئي پئي وڃي، توهان کان ايترو به نه ٿو پُڄي ته ڪو نئب چيئرمين کان پڇي ئي جواب جمع ڪرائي سگهو، اڄ ئي ٻڌايو، ڪهڙي ڪهڙي ڪيس ۾ جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيا، جڏهن ته لارجر بينچ تازو ئي گرفتاري وارنٽ بابت فيصلو ٻڌايو آهي، صرف انهن جوابدارن کي ضمانت جي ضرورت آهي جن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا هجن،ان دوران  سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب جي جاچ خلاف داخل ڪيل درخواستن تي ٻڌڻي ملتوي ڪئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.