حڪومتي پاليسيون ۽ غذائي کوٽ

تحرير: منصور ابڙو

ڪنھن به  صحت مند معاشري جي لاءِ  قومن جو صحتمند ھجڻ ضروري آھي. جڏنھن قومون بيمار ھجن ۽ کين صاف کاڌي پاڻي تي پھچ نھ ھجي اھي ڪڏهن بھ ترقي نھ ڪري سگھنديون آھن .

ترقيءَ  جي ھن سفر ۾ جتي ڪيترائي ملڪ سائنسي بنيادن تي ڪم ڪري رھيا آھن انھن جي ڊوڙ۾ اسين تمام بلڪل بھ پوئتي  بيٺل آھيون اسانکي  تھ اھا بھ خبر ناھي تھ موسمي تبديلي تي اثرانداز ڪيئن ٿجي؟ موسمن مان ڪيئن فائدو کڻجي ڇاڪاڻ تھ اسان ھڪ زرعي ملڪ سان تعلق رکون ٿا ۽ اسان  جو  تعلق زراعت کان وٺي موسمن جي ڦير گير تائين ھجي ٿو ۽  انھن سڀني جو تعلق اسان جي صحت سان سڌو سنئون جڙيل آھي. اسان جنھن ملڪ ۾ رھون ٿا اھو ترقي پزير آھي مطلب ترقيءَ  جي راھ تي گامزن آھي پر ترقي يافتھ اڃان بھ نٿو چئي سگھجي ڇاڪاڻ تھ اسان نه ته  زرعي انقلاب آني سگھيا آھيون نه ئي اسان ڪو پنھجي حڪومتي حصي جو ڪو وڏو ڪم سر انجام ڏئي ڪو نئون روپ وٺي سگھيا آھيون. نه  اسان جي غذا صحيح آھي نھ اسان وٽ علاج صحيح آھي نھ اسان وٽ  انفراسٽرڪچر ڪو بھتر آھي اسپتالن ۾ جيڪو اسان جي رھنمائي ڪري سگھي .

ويجهڙ ئي پاڪستان جي حڪومت ھڪ عالمي غير سرڪاري اداري يونيسيف ۽ آغا خان يونيروسٽي جي مدد سان پوري ملڪ م ھڪ غزائي حوالي سان سروي ڪرائي جنھن ۾ خبر پئي ته اسان جو ملڪ ڀلي زرعي ملڪ ھجي جتي ڀاڄيون فروٽ سبزي اسين دنيا کي وڪڙندا ھجون پر اسان پاڻ غذائي کوکلا ٿي چڪا آھيون اسان ۾ اھري طاقت ناھي جو اسان جون مائرون پنھجي مقرر وقت تي پنھجي ٻارن جي ڊليوري ڪرائي سگھن يا تھ اھو ٻار ڄمڻ کان اڳ مري وڃن ٿو يا اھي ٻار ڄمڻ جي ھڪ ڪلاڪ کان پوءِ  مري وڃن ٿو يا اھڙين بيمارين ۾ گھيريل اھيون  جو اسان جي عورتن جون جھوليون خالي ٿي وڃن ٿيون نتيجو اھو نڪري ٿو تھ معاشي سماجي بدحاليون ڪر کڻي نڪرن ٿيون جن جي ڌٻڻ مان اسان نڪري نٿا سگھون .

ايڊوليسينٽ ايج ۽ اينيميا يا رت جي کوٽ

اسان جو ملڪ ڀلي زرعي ھجي پر اسان جي حڪمران کي خبر ناھي تھ اسان جي ملڪ جو وڏي ۾ وڏو حصو نوجوانن جوآھي ، ڪنھن بھ ملڪ جي ترقيءَ  جي راھ ۾ وڏو ڪردار ان ملڪ جي نوجوانن جو ھوندو آھي تقريبن اسانجي ملڪ ۾ اڊوليسينٽ عمر جون ڇوڪريون 53 سيڪڙو رت جي کوٽ جو شڪار آھن ، صحت جي عالمي اداري موجب اڊوليسينٽ اھا عمر  جيڪا 9 کان 19 سالن تائين ھجي. جيڪڏھن اسان جو نسل 53 سيڪڙُو تائين رت جي کوٽ جو شڪار ھجن اھي ترقيءَ  جي راھ ۾ ڪھڙو ڪردار ادا ڪندا؟ نتيجو اھو نڪرندو تھ رت جي کوٽ جو شڪار ماڻھون  ھميشھ ٿڪاوٽ جو شڪار ھوندو آھي ڪو بھ ڪم پنھنجي صحيح وقت ۾ انجام ڏئي ناھي سگھندو ھميشھ گشائي سمھڻ يا ڪم کان بيزاريءَ  کان ويندي موت جي منھن ۾ اڪثر ھليو وڃي ٿو. کيس خبر ئي ناھي ھوندي تھ ھو ڪو ان بيماريءَ  جو شڪار آھي رت جي کوٽ جي ڪري اڪثر دل جون بيماريون ۽ حمل جي ناڪاري عنصرن کي بھ روڪي نٿو سگھجي نتيجي ۾ يا ٻار اسپتال ۾ پھچڻ کا اڳ ئي مر وڄي ٿو يا مائرن ۾ ايتري سگهھ ناھي جو اهي ٻار پنھن مھينن تائين روڪي سگھن ٿئي ايئن ٿو جو اھو ٻار يا تھ ضايع ٿي وڃي ٿو يا لاڳيتو بيماري ۾ رت وھڻ جھڙيون بيماريون ڪر کڻي بيھن ٿيون.

15 کان 49 سالن تائين جي ٻار پئدا ڪرڻ واري عمر جون عورتون ۽ رت جي کوٽ

ايڊوليسينٽ ايج کان پوءِ  وڏي ۾ وڏو عمر جو حصو 15 کان 49 سالن وارين عورت جو اھي جيڪي ٻار ڄڻين ٿيون اھا اھڙي عمر  جنھن ۾ عورتون ٻار ڄڻڻ جي قابل سمجھون وينديون آھن ان۾ بھ 41 سيڪڙو عورتون رت جي کوٽ جو شڪار آھن جڏنھن تھ 1 سيڪڙي شديد رت جي کوٽ کي منھن ڏئي رھيون آھن، آخر انھن مسئلن تي ڪير ڳالھائيندو ڇا اسان صرف پنھجي حڪومتي ڀڃ ڊاھ ۾ پورا رھنداسين يا انھن تي بھ ڌيان ڏينداسين؟ اسان اسيمبلين ۾ جن ماڻھن کي نمائندگي ڏني آھي اھي سڄو ڏينھن مراد سعيد کي جواب ڏئي طنز ٽوڪ ڪري موٽي ٿا اچي جيئي ھو، جيئي ھي، جيئي  ڦلاڻو خان جيسيتيائين ھي پنھجي قوم اٿو تيسيتائين توھان بھ جيئندا نھ تھ توھان جي سڃاڻپ بھ ايتري ئي آھي جيتري توھان لنڊن جي برڪ لين ۽ ڪارنابي اسٽريٽ ۾ ڪنھن اجنبي وانگي ڪا شيءَ  وٺي گھر موٽندا  بس توھان جو وجود ايترو ئي آھي ، توھانجي  پويان ڊڪندڙ سخت سيءَ  ۾ نعرا ھڻدڙ اصل ۾ اھي سڀ پنھجن ملڪن ۾ ئي ڏسڻ وٽان ملنديون آھن ڇاڪاڻ تھ اھي ماڻھون اوھان مان اميد رکي ويھندا آھن توھان جي ڊگھين عمرين ۽ سلامتيءَ  لاءِ  دعائون گھرندا آھن پر ياد رکو جيڪڏنھن توھان پنھجي قوم کي ڊگھي غربت جي غلاميءَ  مان نھ ڪڍيو تھ ھڪ وڏو نسلن جو نقصان ٿيندو.

اسٽنٽنگ ۽ ويسٽنگ ريٽ

اسان اھڙي ملڪ م رھون ٿا جتي افغانستان ۾ اھڙي ملڪ مان 50 ھزار ٽن ڪڻڪ تحفي طور موڪلي وڃي ٿي جنھن ملڪ جا ٻار 42 سيڪڙو غزائي کوٽ جو شڪار آھن ، اسٽنٽنگ انگريزي اصطلاح آھي جنھن جي معني آھي عمر جي مطابق قد نھ ھئڻ ! اھو صرف اھڙن ملڪن ۾ ٿيندو آھي جتي جنگ جي حالت ھجي جتي ڏڪر ھجي اسان جا ٻار بک ۽ متوازن غزا نھ ھجڻ جي ڪري اھڙي غزائي کوٽ کي منھن ڏئي رھيا آھن جنھن جو نقصان اڳتي ھلي ظاھر ٿيندو ھڪ طرف اھڙي صورتحال آھي تھ ٻئي طرف ويسٽنگ ريٽس ڪجھه  سٺا ناھن ويسٽنگ ان کي چئجي ٿو تھ اھي ٻار جن جو وزن قد مطابق نھ ھجي . پوري پاڪستان ۾ 15 سيڪڙو اھڙا ٻار ھجن ٿا جن جو وزن عمر مطابق ناھي پر جڏنھن اسان ان جي تفصيل ۾ وينداسين تھ سنڌ سڀني کان  اڳتي آھي يعني پاڪستان ۾ اھڙن ٻارن جو سيڪڙو 15 پر جڏھن ڳالهھ سنڌ جي ھجي تھ انگ 23 سيڪڙُو  ھجي ٿو ، اسان ڀلي ايٽمي ملڪ ھجون روز مخالفن کي اھڙا بيان ڏيندا ھجون تھ ھاڻي جيڪا جنگ ٿيندا اھا اھڙي جنگ ھوندي جنھن ۾ نھ گاھ ڦٽندو نھ زمين زرخيز ٿيندي پر ھي صورتحال انھن جي آڏو اھڙي وقت   جي سامھون آئي اھي جڏھن جنگ جو ماحول بھ بح ناھي جيڪڏھن خدانخواستھ جنگ ٿي تھ پوءِ  پنھنجي مانھن کي اھڙي ڌٻن مان ڪڍڻ لاءِ  شايد ڪي صديون لڳن يا ھميشھ لاءِ  پنھجي ماڻھن کي اسھڙي ڌٻن ۾ ڌڪي ڇڏيو جنھن مان ھو پوري زندگي نھ نڪري سگھن ۽ ھر لمحو اذيت بڻجي وڃي .

وفاقي سرڪار ڀلي اھڙا قدم نھ کڻي پر سنڌ حڪومت کي اھڙا اپاء ضورر وٺڻ گھرجن جنھن وسيلي اھڙا اھنج گھٽائي سگھجن. شديد غذائي کوٽ کي ڪيئن منھن ڏجي، اھو ايندڙ وقت ۾ ھڪ سوال رھندو ڏسون تھ سنڌ حڪومت ڪھڙا اپاءَ ٿي وٺي يا روايتي ھٺ ڌرمي جو شڪار ٿي ڪري وري ووٽ وٺڻ لاءِ  شھيدن کي ميدان ۾ لاٿو ويندو. سنڌ حڪومت کي اڳتي اچي اھڙا اپاءَ وٺي مستقل بنيادن تي ادارا قائم ڪرڻ گھرجن يا ڪا حڪمت عملي جوڙڻ گھرجي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.